بيجنگ(م ڊ) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته جنگ کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪيو وڃي. غير ملڪي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي آفيس گائوجياڪون عالمي برادري کي زور ڏيندي چيو آهي ته نار ۽ ان سان لاڳاپيل سمنڊ ۾ خاص ڪري اهم سامونڊي رستن تي وڙهي ويندڙ جنگ عالمي معيشت تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي. چيني پرڏيهي آفيس جو وڌيڪ چوڻ هو ته عالمي برادري صورتحال تي ڪنٽرول لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري جنهن سان عالمي معيشت تي مثبت اثر پوندا.