
ويانا(م ڊ) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجِي ايجنسي (آءِ اي ايِ اي) جوهري هٿيارن جو ڦهلاءُ روڪڻ واري معاهدي جي ڀڃڪڙي تي ايران خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ جرمني طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ تي ايجنسي جي 35 رڪني بورڊ آف گورنرز بند ڪمري واري اجلاس ۾ ووٽنگ ڪئي، جنهن دوران 19 ميمبرن ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته 3 مخالفت ۽ 11 غير حاضر رهيا. آءِ اي ايِ اي موجب، گذريل ويهه سالن دوران هي پهريون موقعو آهي، جڏهن ايران کي جوهري هٿيارن جي ڦهلاءُ روڪڻ واري معاهدي جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
واشنگٽن/تل ابيب/تهران(م ڊ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو. آمريڪي ميڊيا پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ڪنهن به وقت ايران تي حملو ڪري سگهي ٿو، اسرائيل ايران تي حملي جي اڳواٽ اطلاع آمريڪا کي به ڏئي ڇڏي، رپورٽ موجب اسرائيلي اختيارين آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته اسرائيل ايران ۾ آپريشن جي لاءِ تيار آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ايران اسرائيلي حملي جي رد عمل ۾ امڪاني طور تي عراق ۾ موجود آمريڪي سائٽس تي حملو ڪري سگهي ٿو، جنهن سبب آمريڪا وچ اوڀر ۾ موجود پنهنجن ڪجهه شهرين کي فوري طور تي اتان کان نڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. انهي کان علاوه آمريڪي دفاع واري وزارت پينٽاگون فوجي خاندانن جي گهر ڀاتين کي رضاڪارانه طور تي وچ اوڀر ڇڏڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ايران اسرائيل ڇڪتاڻ سبب گذريل ڏينهن آمريڪي دفاع واري وزير وچ اوڀر مان پنهنجي غير سفارتي عملي جي رضاڪارانه واپسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي عهديدار چيو هو ته فوجين ۽ انهن جي گهر ڀاتين جي حفاظت ۽ سلامتي اسان جي ترجيح آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏينداسين، وچ اوڀر مان اهلڪارن کي واپس گهرايو پيو وڃي ڇاڪاڻ جو هي خطرناڪ جاءِ بڻجي سگهي ٿي. صدر ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اميد گهٽ آهي ته ايران ايٽمي معاهدي ۾ يورينيم جي افزودگي روڪڻ تي راضي ٿيندو. هوڏانهن ايران آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا سان ڪوبه تڪرار شروع ٿئي ٿو ته هو خطي ۾ موجود سمورن آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بنائيندو. ايراني دفاع واري وزير چيو آهي ته اميد آهي ته نوبت ايستائين نه پهچندي ۽ ڳالهين جا بهتر نتيجا سامهون ايندا، پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ۽ ايران تي جنگ مڙهي وئي ته دشمن جو نقصان ايران جي مقابلي ۾ ڪافي وڌيڪ هوندو، ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسان نه ڪنهن جي دٻاءَ آڏو جهڪنداسين ۽ نه ئي ايٽمي تحقيق بند ڪنداسين، اولهه جي ملڪن کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته هو ايراني ايٽمي پروگرام رول بيڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪن، آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ڪنهن به وقت ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪري سگھي ٿو، واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب، آمريڪا ۾ اسرائيل جي ايران تي امڪاني حملي سبب هاءِ الرٽ آهي، اسرائيل ايران تي حملي جو اطلاع ڏئي ڇڏيو، آمريڪي پرڏيهي وزارت وچ اوڀر مان سفارتي مشنز کي گهٽائي فوجي اهلڪارن جي گهرڀاتين کي نڪري وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.