اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف پاران آمريڪي صدر جوبائيڊن جي خط جو جوابي خط موڪليو ويو آهي، خط ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپين کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، ٻئي ملڪ توانائي،زراعت ۽ موسمياتي تبديلين سميت ٻين شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، عالمي امن ۽ سلامتي  لاءِ  آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، آمريڪي صدر جوبائيڊن جي خط جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن وچ  ۾ توانائي  ۽ گرين الائنس واري قدم ۾ سهڪار سٺو سنوڻ  آهي. واضح رهي ته ٽئي ڏينهن اڳ آمريڪي صدر جوبائيڊن وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو هو جنهن ۾ شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون به ڏنيون هيون، جوبائيڊن چيو هو ته دنيا ۽ خطي کي موجود چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو، آمريڪا پاڪستان گرين الائنس فريم ورڪ سان ماحولياتي بهتري لاءِ اتحاد کي مضبوط ڪنداسين، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين.