مظفر آباد (م ڊ) آزاد ڪشمير جي ضلعي مظفر آباد جي انتظاميا چيو آهي ته ڀارت طرفان نوسيري ۾ نيلم جهلم هائيڊل منصوبي واري ڪئمپ سائيٽ تي گولاباري ڪئي وئي، جنهن سبب هائيڊروولڪ پاور يونٽ کي نقصان پهتو. انتظاميا موجب، حملي ۾ انٽيڪ يونٽ متاثر ٿيو ۽ هڪ گيٽ کي به بند ڪرڻو پيو، جڏهن ته منصوبي جي ايمبولينس کي پڻ نقصان رسيو، ضلعي انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوسيري ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه گهر ۽ ٻه گاڏيون به جزوي طور متاثر ٿيون