لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ اشتهار ڏنو آهي. پي سي بي پنهنجي ويب سائيٽ تي هيڊ ڪوچ لاءِ اشتهار جاري ڪيو آهي. واضح رهي ته پي سي بي عاقب جاويد کي چيمپيئنز ٽرافي تائين عبوري هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو هو، پوءِ کيس نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ وڌيڪ ذميواريون ڏنيون ويون هيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته عاقب جاويد هاڻي هيڊ ڪوچ بڻجڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي، پر ڊائريڪٽر آف هاءِ پرفارمنس بڻجڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. پي سي بي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس جي عهدي لاءِ اشتهار پڻ جاري ڪيو آهي. نديم خان جي استعيفيٰ کان پوءِ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس جو عهدو خالي هو. ذريعن موجب، پي سي بي هڪ ڀيرو ٻيهر پرڏيهي هيڊ ڪوچ ڏانهن رخ ڪري سگهي ٿو. هيڊ ڪوچ لاءِ ليول 3 ڪرڪيٽ ڪوچ جي قابليت گهربل آهي. هيڊ ڪوچ جي عهدي لاءِ درخواستون 4 مئي تائين طلب ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وٽ هيڊ ڪوچ لاءِ محدود آپشن آهن ۽ پي سي بي پرڏيهي ڪوچ جي طرف وڌيڪ مائل آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پي سي بي ڪوچ لاءِ وڏا نالا غور نه ڪندي.