اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عافيه صديقي جي صحيتابي ۽ وطن واپس آڻڻ متعلق ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ زينب جنجوعه کي ٻنهي پارٽين جو فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت زينب جنجوعه ايڊووڪيٽ کي ٻنهي پارٽين جو فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو. اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي وڪيل عمران شفيق عدالت ۾ پيش ٿيا. اٽارني جنرل چيو فوزيه صديقي ۽ ڊاڪٽرز به وفد جو حصو هوندا. ميمبر وفد آمريڪا ويندا. وفد ۾ سينيٽر طلحه محمود، فوزيه صديقي، انوشي رحمان ۽ هڪ ڊاڪٽر شامل هوندو. اميد آهي ته وفد ايندڙٻن هفتن تائين آمريڪا جي آفيشلز سان گڏ ميٽنگ ڪندو. آمريڪا الڪيشنز جي فوري بعد وفد آمريڪا ويندو. عدالت اٽارني جنرل جي تعريف ڪندي چيو ته ويري گڊ اٽارني جنرل صاحب اوهان معاملي ۾ شامل ٿيا آهيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي نومبر جي آخر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.