لاهور (شوبز نيوز) مشهور گلوڪار عاطف اسلم ويلنٽائن ڊي جي مناسبت سان هڪ مزاحيه وڊيو شيئر ڪئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي. عاطف اسلم اها وڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هو روڊ جي ڀرسان هڪ روشنين سان سينگاريل گهر ٻاهران ڏکويل ويٺو نظر اچي ٿو. وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن لکيو چوندي هئي مان اڪيلي مري وينديس، ڪنهن ٻئي سان شادي نه ڪنديس. هن وڊيو ۾ پنهنجو جڳ مشهور گيت “تيري بن مين يو ڪيسي جِيا” پڻ شامل ڪيو، جڏهن ته ڪيپشن ۾ مزاحيه انداز ۾ لکيو هن ويلنٽائن جي موقعي تي ڪو به محفوظ نه آهي.  سوشل ميڊيا تي اڳ ئي “ڪسي اور سي شادي نهين ڪرون گي” وارو ٽرينڊ هلي رهيو هو، عاطف اسلم وڊيو ٺاهي سڀني جي مک تي مرڪون وکيري ڇڏيون. مداحن گلوڪار جي حس مزاح کي ساراهيندي مزيدار تبصرا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جنهن سبب وڊيو تيزيءَ سان مقبول ٿي وئي.