نيو يارڪ (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني ڳائڻو عاطف اسلم آن لائن ميوزڪ پليٽ فارم اسپاٽيفاءِ جي فنڪارن ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي. ان کان اڳ به عاطف اسلم پهريون نمبر ماڻيو هو. ان ڏس ۾ آن لاءِ ميوزڪ اسٽريمنگ پليٽ فارم تي مقبول ترين فنڪارن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عاطف اسلم پهرئين مبر تي رهيو، جڏهن ته ٻيا پاڪستاني فنڪار راحت فتح علي خان، نصرت فتح علي خان، شفقت امانت  ۽ علي سيٺي به لسٽ ۾ شامل آهن. عبدالحنان جا گانا “بکرا” ۽ “ارادي” اسپاٽيفائي جي چارٽ ٽاپ ٿري ۾ شامل رهيا .