
واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير کي جنگ روڪڻ تي شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ وائٽ هائوس دعوت تي گهرايو هو، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات بعد پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته اڄ مونکي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات جو اعزاز حاصل ٿيو، عاصم منير جو شڪر گذار آهيان هو جنگ ڏانهن نه ويو ساڻس ايران جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻڌايو ته پاڪستان سان واپار بابت معاهدي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ائٽمي طاقتون آهن . ٻئي ملڪ عظيم آهن، ان کان اڳ آمريڪي صدر فيلڊ مارشل عاصم منير سان تاريخي ملاقات ڪئي جنهن ۾ آءِ ايس آءِ چيف سميت آمريڪي پرڏيهي وزير آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ بچاءَ واري وزير به شامل هئا، رپورٽس موجب فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي صدر جي دعوت تي وائيٽ هائوس پهچي ويو، ڊونلڊ ٽرمپ پاران فيلڊ مارشل عاصم منير کي ڪيبينيٽ روم ۾ آجياڻو ڏنو ويو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ۾ ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سوڌو خطي جي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پهريون ڀيرو ڪنهن آمريڪي صدر ڪنهن ملڪ جي آرمي چيف سان ملاقات ڪئي آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير کي ڪنهن به ڀارتي وفد کان اڳ وائٽ هائوس دعوت تي گهرائڻ آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جي اسسٽريٽجڪ اوليت جو واضح اشارو آهي، ملاقات ان ڳالهه کي به واضح ڪري ٿي ته آمريڪا علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کان مڪمل طور واقف آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير جو آمريڪي دورو ڏکڻ ايشيا نيٽ ريجنل اسٽيبلائزر طور ڪردار واضح ڪري ٿو اهو دورو لاڳاپن لاءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي عسڪري قيادت جي سڃاڻپ آهي
واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا جي سرڪاري دوري تي پهتل فيلڊ مارشل پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ۾ چيو ته ڀارت عالمي سرحد پار حملا ڪري خطرناڪ مثال قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان ثابت ڪيو ته هو ڀارتي تسلط جي ارادن خلاف جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اسرائيل سان جنگ ۾ اسلام آباد ايران جي مضبوط حمايت ڪري ٿو، جنگ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي ڪوششن سان گڏ آهيون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان جو آرمي چيف ملڪ جي بااثر شخصيت آهي، هُن پاڪستان پاران جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي جوهري طاقت رکن ٿا، مون پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگ روڪرائِي، پاڪستاني تمام سٺا ماڻهو آهن، پاڪستان هڪ ائٽمي ملڪ آهي ۽ آئون پاڪستان کي پسند ڪريان ٿو. ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايراني جوهري ٺڪاڻن تي حملو ڪندو يا نه، في الحال ڪجهه نٿا چئي سگهون، ايران ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو پر هاڻي گهڻي دير ٿي وئي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڪير نٿو ڄاڻي اسان ڇا ڪرڻ گهرون ٿا، ايندڙ هفتو اهم آهي، ٿي سگهي ٿو اِن کان اڳ وڏي ڪارروائي ٿي وڃي، غير مشروط سرينڊر جو مطلب آهي ايران چوي هاڻي گهڻو ٿي ويو، اسان هار مڃون ٿا، اُن کانپوءِ اسان اُتي وڃي جوهري سامان تباهه ڪنداسين، ايران جو رويو بدمعاشي وارو هو پر هاڻي هو بدمعاش نه رهيا آهن، اسان ايران جي دفاعي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي آهي، ايران جو دفاع ناڪام ٿي ويو، وٽس فضائي دفاع ناهي رهيو، ايران کي اڳتي هلي وڏين ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو، آمريڪي صدر چيو ته پيوٽن ايران ۽ اسرائيل ۾ ٽياڪڙي جي خواهش ڪرڻ کان اڳ پنهنجو ۽ يوڪرين جو مسئلو حل ڪري.. ٽرمپ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته گڊ لڪ، هن چيو ته اسان ايران تي حملو ڪري به سگهون ٿا يا نه به ڪري سگهون ٿا، في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهان.