عاشق مزاج رهيس، ماني نه ملي ها ته 6 شاديون ڪيان ها: حرا

0
124

Hira Mani Pakistani TV host & Actress beautiful Photos - Stylespk

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره حرا ماني جو چوڻ آحي ته مان عاشق مزاج رهي آهيان، جيڪڏهن منهنجي شادي ماني سان نه ٿيل هجي ها ته 5 – 6 شاديون ڪيان ها، هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مان تمام گهڻي عاشق مزاج ڇوڪري هيس، ماني مون کي پسند موجب مليو

جڏهن هو نه مليو هو ته مون کي هر ٻيون ڇوڪرو سٺو لڳندو هو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماني سان شادي کانپوءِ منهنجي ترقي ٿي وئي آهي ۽ هاڻي آئون اسٽار بڻجي وئي آهيان، پنهنجي ڪيريئر بابت هن ٻڌايو ته اصل زندگي ۾ امڙ کان بيحد متاثر هيس هوءَ پنهنجي دور جي هيروئن هئي، شروع ۾ مان ان کي گانا ٻڌندي ڏسندي هيس

حرا اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته منهنجو هڪ بينڪر سان رشتو طئي ٿيل هو ۽ اسان جي جلدي شادي ٿيڻي هئي، مان پنهنجي هڪ دوست جي موبائل مان لڪي ماني جو نمبر ڪڍيو ۽ ان سان رابطو ڪيو جيڪو شادي تائين پهچي ويو، تمام گهڻو خوش آهيان