ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران اڳوڻي صدرعارف علوي جي سيل ڪيل ڊينٽل ڪلينڪ ڊي سيل ڪرڻ (کولڻ ) جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ظفر احمد راجپوت جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڊاڪٽر عارف علوي جي زال ۽ پٽ جي درخواست منظور ڪندي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڊينٽل ڪلينڪ ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.