عادلپور (ن پ ا) عادلپور ۾ انڙ برادري جي سعد ﷲ انڙ ۽ رحمت انڙ جي اڳوڻي ۾عورتن ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته اسان جي جي چاچي مائي وزير انڙ اسان کان پنهنجي حصو وٺي وئي آهي اسان چاچي کي ٻه حج ڪرايا آهن ۽ ان کي سونا زيور ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڏئي چڪا آهيون پر ان جا ماٽيلي ڀائرن دل شير انڙ ڪلب علي انڙ۽ مائت شريف انڙ، پوليس اهلڪار صوبو انڙ ۽ دلاور انڙ ٻيا جوابدار اسان جي جان جا دشمن ٿي ويا آهن انهن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اسانجي جي مٿان ڪوڙي پٽيشن داخل ڪرائي ڪورٽ سڳوري کان ايف آءِ آر آرڊر وٺي اسان مٿان ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪرائي رهيا آهن، انهن اسان جي چڱي مڙس ڪشو انڙ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪرائي ڇڏيو آهي، اهي بااثر ماڻهو اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪجهه ٿيو ان جا ذميوار اهي هوندا، انهن بااثر جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.