عادلپور (رپورٽ: ماجد ڪلوڙ) عادلپور ڀرسان پير اقبال شاھه ڀرسان ڳوٺ خدا بخش منڱريو ۾ چورن ڳوٺ ۾ داخل ٿي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڀاگيا سڄاڳ ٿي پيا، جنھن بعد ڀاڳين ۽ چورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ مبينا طور ھڪ چور نادر علي سوڍڙو مارجي ويو، هوڏانهن مارجي ويل چور نادر سوڍڙو جي ڀاءُ سرور سوڍڙي جو چوڻ هو ته منھنجي ڀاءُ کي منڱريا برادري جي ماڻھن ڳوٺ گھرائي قتل ڪيو آهي، منھنجو ڀاءُ چور ناھي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته اسان اقبال شاھ ڀرسان ڳوٺ خدا بخش منڱريو ۾ گھر ڌڻي سڄاڳ ٿيڻ تي ڀاڱين ۽ چورن ۾ وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، اطلاع تي ڳوٺ خدا بخش مڱريو پهتاسين ته هڪ چور مارجي ويو، چور جي سڃاڻپ نادر سوڍڙو طور ٿي آهي، مارجي ويل چور ڀاڱين ھٿان يا پنھنجي ساٿين ھٿان مارجي ويو آهي، خبر ناهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس موجب مارجي ويل ڏوھاري قسم جو ماڻهو هو، جنهن مٿان گهوٽڪي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آھن.