عادلپور: هٿياربندن پيرسن عورت کي ڪن چيري والا لاهي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، ڌرڻو

0
37
عادلپور: هٿياربندن پيرسن عورت کي ڪن چيري والا لاهي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، ڌرڻو
عادلپور: هٿياربندن پيرسن عورت کي ڪن چيري والا لاهي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، ڌرڻو

عادلپور (رپورٽ: ماجد ڪلوڙ) عادلپور ويجهو نامعلوم هٿياربندن زمين مان گاهه ڪندڙ عورت جا ڪن چيري سونا والا لاهي ورتا، مزاحمت تي ھٿياربندن عورت کي تشدد ڪري ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو لاش رکي 5 ڪلاڪ ڌرڻو، سوڳ ۾ عادلپور ۽ چنگلاڻي شھر بند، خبر موجب عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ راڄ واهه ۾ نامعلوم هٿياربندن ڪمند جي فصل مان گاهه ڪندڙ پيرسن عورت 60 سالا افروز ڪلوڙ جي ڪنن ۾ پيل سونا والا ڪن چيري لاهي ورتا، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن پيرسن عورت کي تشدد ڪري ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي وارثن پهچي پيرسن عورت جو لاش عادلپور اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي سبب عادلپور ۽ چنگلاڻي شهر بند ٿي ويا، وارثن پيرسن عورت جو لاش شھر جي مين چوڪ تي رکي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي يوسي چيئرمين ظهور ڪلوڙ، گل حسن ڪلوڙ، شاهنواز ڪلوڙ، محرم ڪلوڙ ۽ ٻين چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، پيرسن عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي گھوٽڪي ۽ ايس ايچ او پهتا، جن ٽن ڏينهن جي مهلت گهري جنهن بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪيو.