عادلپور (ن پ ا) عادلپور لڳ جوابدارن هٿان ڪن چيري والا ڪلاهي قتل ڪيل پيرسن جو جي وارثن جھو ٻئي ڏينهن به لاش رکي ڌرڻو، پوليس پاران 3 ڏينهن ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري تي احتجاج ختم، خبر موجب عادلپور ڀرسان ڳوٺ راڄ واھ ۾ ڪمند جي فصل ۾ گاهه ڪرڻ دوران جوابدارن هٿان ڪن چيري سونا والا لاهي قتل ڪيل پيرسن عورت افروز ڪلوڙ جي وارثن ٻئي ڏينهن به عادلپور چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، 3 ڪلاڪ احتجاج بعد ڊي ايس پي گھوٽڪي، ايس ايچ او عادلپور ۽ ايس ايچ او اي سيڪشن گهوٽڪي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي وارثن کي منٿ ميڙ ڪري خاطري ڪرائي ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، جنهن بعد وارثن پوليس کي 3 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدارن جا فنگر پرنٽس ورتا ويا آھن، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو، وارثن ظهور احمد ڪلوڙ، گل حسن ڪلوڙ، فيروز ڪلوڙ ۽ ٻين چيو ته پوليس کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني آهي، جيڪڏهن پوليس ٽن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار نه ڪيا ته وري قومي شاهراهه تي احتجاج ڪيو ويندو، بعد ۾ مقتول عورت جو لاش ڳوٺ نيو ويو ۽ تدفين ڪئي وئي.