سياسي، سماجي، اقتصادي يا قومي مسئلن يا اشوز تي اسان سان جيڪي ناانصافيون ۽ زيادتيون ٿين ٿيون، انھن ظلمن خلاف بحيثيت هڪ قوم جي اسانجو ردعمل مستقل بنيادن تي هُئڻ جي بجاءِ مُڪمل طور تي عارضي يا مختصر عرصي لاءِ هوندو آهي. مٿي ذڪر ڪيل بيواجبين جي خلاف اسانجي جدوجھد ۽ مزاحمت وقتي هوندي آهي، چند ڏينهن کانپوءِ “رات گئي، بات گئي”، معاملا ٺپ ٺري ويندا آهن. بحريا ٽائون وارو واقعو، ناظم جوکيو جي ناحق قتل جو واقعو، قاضي احمد ۾ بيگناه ڀنڊن جي قتل وارو واقعو، فاطمہ ڦرڙو واري معاملي سميت ٻيا کوڙ سارا واقعا آهن، جن ۾ نہ مظلومن کي انصاف پلئہ پيو، نہ ئي وري واقعي جي ذميوارن کي ڪا سزا ملي، جڏهن تہ ٻئي پاسي سماج جا سمورا مڪروهه ڪردار ھر ڪُڌي واقعي، هر ظلم ۽ زيادتيءَ کانپوءِ وڌيڪ طاقتور ٿِي وري ٻي ڪا ڪارروائي ڪندي پنھنجي ظلم جي تاريخ کي ورجائيندي نظر ايندا. سندن نئين واردات گذريل سانحي کان وڌيڪ ڀوائتي، ڏکوئيندڙ لڱَ ڪانڊاريندڙ هوندي آهي يا وري هيئن کڻي چئون تہ ظالم قوتن خلاف مظلومن جي واقعاتي بنيادن تي جيڪا عارضي مزاحمت آهي، اها ڪافي ناهي. هنن شرمناڪ حرڪتن کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ يا ھنن ظالمن کي ظلم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ اسانکي پنهنجي ڪاوڙ، غصي کي مستقل بنيادن تي منظم ڪري ڪنهن فيصلائتي ويڙَھ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناھي تہ موجوده حالتن ۾ مزاحمت جي حوالي سان بنا ڪنهن قيادت جي، بنا ڪنهن مخصوص جھنڊي ۽ پارٽي يا ڪنهن نظريي جي، سنڌ جو عام ماڻهو پنهنجيءَ جدوجهد ۽ مزاحمت جي حوالي سان نئين تاريخ رقم ڪئي آهي، جيڪو ڪم سنڌ جي قومپرست، سنڌ پرست، وطن دوست انقلابي تنظيمن کي ڪرڻ کپي ها، تنھن جي ذميواري سنڌ جي عام ماڻهوءَ پنهنجن ڪُلهن تي کنئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي نالي تي سياست ڪرڻ واريون سياسي تنظيمون پنهنجي تاريخي ذميواريءَ کي پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آھن، جنهن جا ڪيئي سماجي سياسي ﺳﺒﺐ آھن، جڏهن ته ٻئي پاسي پ پ جيڪا هن وقت سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن، ميرن، پيرن، سردارن جي نمائنده جماعت آهي، تنھن کي مُلڪ جي سڀني کان اهم طاقتور ڌُر جي مڪمل حمايت ۽ آشيرواد حاصل آهي. پ پ پ ﺟﻮ عوام کي ڪرپشن جي ذريعي لُٽڻ ڦرڻ سان گڏ مهانگائي، بک ۽ بيروزگاري جو مقصد سنڌ جي عوام کي فڪري طور تي لانجهو ڪمزور ڪرڻ سان گڏ مزاحمت جي سگھ کان خالي ڪرڻ، لاتعلق رکڻ آھي. هن قسم جي سوچَ وارو نظريو يا پاليسي رياست جي طاقتور ادارن جي سوچ يا پاليسي کي وڌيڪ وارو کائي ٿي. اهوئي سبب آهي جو آصف زرداري واري پ پ پ مقتدر قوتن کي وڌيڪ پياري آهي.
ﻭﻗﺖ اچي ويو آھي ته سنڌ يا سنڌي عوام کي پنهنجي سياست جو محور يا مرڪز سمجهندڙ ڌريون پنهنجين بُنيادي پاليسين يا حڪمت عملين تي سنجيدگيءَ سان غور ڪن، پنهنجي سياسي سافٽ ويئر کي جديد دؤر جي تقاضائن ۽ گهرجن مطابق اپ ڊيٽ ڪري ميدان عمل ۾ لهن، جيئن سنڌ کي ڪا متبادل قيادت فراهم ڪري سگهن. جڏهن ته اڄ جو سچ هي آهي تہ عمل جي ميدان ۾ سنڌ جو عام ماڻھو هن وقت اسان واري هن لڏي کان الائي اڳتي نڪري سنڌ جي پاڻ مرادو قيادت ڪري رهيو آهي.
حقيقت اِها به آھي تہ هي ڪو پهريون دفعو ايئن ڪو نہ پيو ٿِئي، ماضي ۾ ون يونٽ مڙهڻ خلاف، سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي تي تحريڪ سنڌ جي قومپرست، ترقي پسند ڌرين، ڪميونسٽن، سڃاڻ ڌرين هلائي، جن ۾ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن جو فيصلائتو ڪردار هو، جن ۾ سائين جي ايم سيد، محترم رسول بخش پليجو ، يُوسف لغاري سميت ٻيا بہ ڪيئي ڪردار هئا، جن جدوجھد ڪئي، جيل ڪاٽيا، لٺيون کاڌيون پر اُنهيءَ سموري سياسي پورهئي جو کٽيو پ پ پ کاڌو. ساڳي رِيت 80ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي شهرن ۾ جيڪا لساني گروهه جي دهشتگردي هُئي، جنھن ۾ سنڌ جا شھر سنڌين لاءِ نو گو ايريا بڻيل ھئا، جنهن ۾ سوين سِنڌي بي گناه ماريا ويا، اها جنگ سنڌ جي انھن ئي تنظيمن وڙهي، پنهنجي قيمتي حياتين جا نذرانا پيش ڪيا، اهڙي ريت جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪِ ۾ عوامي تحريڪ يا سنڌياڻي تحريڪ سميت ٻين ترقي پسند تحريڪن جو اهم ڪردار هو پر هن ڀيري سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪندي سياست ۾ پ پ پ سوڀاري رهي. تنهن ساڳي پ پ پ اقتدار ۾ اَچي پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ خاطر سياسي طور تي ساڳين دهشت گردن سان ٺاھ ڪيو. 88ع کان وٺي هيستائين سنڌ ڪارڊ جو فائدو پ پ ورتو آهي. اڄ ڏينهن تائين ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جي کيٽن، ٻيٽن، زمينن، وسيلن سميت سمورن اهم قومي معاشي مسئلن تي پ پ جو جيڪو سنڌ کي هاڃو رسائڻ وارو موقف يا ڪردار رهيو آهي، سو ڪنهن کان ڳجهو يا لڪل ناھي رهيو يا وري روزانه جي بنيادن تي سنڌ ۾ جيڪو ظلم ٿئي پيو، 15 سالن کان وٺي سنڌ سان جيڪا جُٺ يا ڦُر لُٽ ڪئي وئي آهي، اڄ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجا ٻچا وات ۾ اچي ويا آھن. ماڻهو پنھنجن ٻچن سميت خودڪشيون ڪن پيا سنڌ جي زراعت کي برباد ڪيو ويو آهي، ڌاڙيلن ۽ پوليس گڏجي ماڻهو ماري رهيا آهن، ماڻهن کي هيسايو پيو وڃي. ڪنهن جي به عزت، جان مال ڪجھ بہ محفوظ ناهي.وقت تيزيءَ سان تبديل پيو ٿئي. معاشي، سياسي، قومي حوالي سان جديد دؤر جي تقاضائن ۽ گهرجن مطابق نئين صف بندي ٿِي رھي آھي. انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ترقي اڳتي وڌي آرٽيفيشل انٽيليجنس تائي پهچي وئي آهي. سوشل ميڊِيا جي آگاهي زندگيءَ جي هر شعبي جا معيار تبديل ڪري ڇڏيا آهن. وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو درد رکندڙ سنڌ جا حلالي پٽ لالچ لوڀ ڊپ ۽ خوف کان آجا ٿي اڳتي اچن. هي جيڪا سنڌ جي ماڻهن ۾ واقعاتي بنيادن تي، شعور ۽ جذبو يا جيڪا مزاحمت پيدا ٿي آهي، تنھن کي سھيڙي گڏ ڪري مستقل بنيادن تي هِڪ منظم قوت ۾ تبديل ڪري سنڌ جي ماڻهن جي حقيقي نمائندگي ڪئي وڃي.