انقره (م ڊ) ترڪ صدر رجب اردگان چيو آهي ته ايران جو اسرائيلي حملن جو دفاع قانوني، فطري ۽ جائز حق آهي، نيتن ياهو ظلم ۽ جبر ۾ هٽلر کي به پوئتي ڇڏي ويو. پارليمامينٽ کي خطاب ڪندي صدر اردگان وڌيڪ چيو ته اسرائيل واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ائٽمي ڳالهيون ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ايران تي حملو ڪيو، ترڪ صدر چيو آهي ته چاهيون ٿا ته مسئلن کي سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو وڃي، ترڪيه تڪرار جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ، ايران اسرائيلي جارحيت خلاف پنهنجو دفاع ڪري رهيو آهي جيڪو ان جو حق آهي.