اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان وچ ۾ صدر هائوس ۾ ملاقات ٿي. ترڪ صدر جي ايوان صدر پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري سندس آجيان ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪي گڏيل مفادن ۾ واپار، معيشت، توانائي، دفاع، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ترڪ صدر اردگان جو دورو عوام لاءِ خاص اهميت جو حامل آهي، ترڪ صدر جو دورو ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول موجود آهي. پاڪستان ترڪي جي ڪاروبار کان پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ معيشت جي اهم شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي بينڪنگ شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري حجم کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وڌائڻ گهرجي، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سياحت جي فروغ ۽ عوامي رابطن جي فروغ لاءِ هوائي رابطا وڌائڻ جي به ضرورت آهي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي غزه ۽ شام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي صدرن عالمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي به تفاق ڪيو. صدر ڪشميرين جي حق خوداراديت جي اصولي حمايت تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جا ٿورا مڃيا. ترڪ صدر رجب طيب اردگان ٻه طرفي اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ترڪي جي عزم کي ورجايو. ترڪ صدر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ترڪ ڪمپنين کي هدايتون جاري ڪيون وينديون. ترڪي پاڪستان سان ٻطرفن واپار کي 5 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ چاهي ٿو، ترڪ صدر جو پاڪ ترڪ دوستي کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو. ترڪي جي صدر پاڪستان جي ترقي ۽ امن ۽ استحڪام جي حاصلات کي ساراهيو. صدر رجب طيب اردگان قبرص تي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي پاڪستان جي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. ترڪ صدر چيو ته جمون ۽ ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. صدر آصف علي زرداري صدر رجب طيب اردگان، ترڪ خاتون اول ۽ وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو.