طوفاني رات ۽ برف جهڙي بي حسي

0
88
محرم، ماسي مهربانو

 ڏينهن اڀرندي ئي هڪ ميڙ گڏ  ٿي چڪو هو، خلق جمع هئي ۽ گاڏين جو سمنڊ هو، ڀرپاسي چيل جا وڻ ۽ برف جي چادر اوڍيل جبل بيٺا هئا، نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندڙ مري جي رستن ڪناري مقامي ماڻهو سياحن کي رنگ برنگي ڇٽيون، گرم مفلر، جوراب، پاڻي ۽ چانهه وڪڻندي نظر اچي رهيا هئا.  حسب معمول معياري، غير معياري هوٽلن  ۽ گيسٽ هائوسز جا دلال  سياحن جي ضرورت ۽ کيسن جي وزن کي پنهنجي لالچي اکين جي تارازي ۾ تورڻ ۽ اگهه لڳائڻ ۾ مصروف هئا. موڪلن جا ڏينهن هئا  ۽ شهرن جي مسئلن ۾ ڦاٿل ماڻهو گاڏيون ڀري ڀري مري ۽ نٿيا گلي جو رخ ڪندي هلندا  پئي ويا،  خاندان هجن يا نوجوان ڇوڪرن جا جٿا ، گاڏين ۾  ٽيپ  رڪارڊ جي وڏي آواز ۾  گانن سان گڏ پنهنجو سرتال ملائيندي تفريح ۽ خوشين جي ڳولا ۾ رڌل. ڪو هڪٻئي تي برف جا گولا اڇلائي رهيو هو ته ڪو سيلفيون ٺاهڻ ۾ مصروف هو، ڄڻ زندگي جا رنگ انهن سياحن جي مسڪراهٽن تي ٺڪاڻا ٺاهيندي  نظر اچي رهيا هئا.

                  پر هاڻي برف ڪري رهي هئي، گرمي جو درجو گهٽجي رهيو هو، ٿڌين هوائن جکڙ، چيل جي وڻن جي لڏڻ جون چيخون ۽ وڌندڙ اونداهي، سياحن جي خوشين  تي اعصابي دٻاءُ جو گهيرو ڪري رهيون هيون.

ڏسندي ئي ڏسندي روڊ تي پيل برف جي چادر ننڍن ننڍن چوٽين ۾ تبديل ٿي رهي هئي ۽ هزارين گاڏيون ڦاسنديون ويون،  ڪيترا ڪلاڪ گذري ويا هئا،  هزارين فٽ جي اوچائي تي بي يار مددگار ڦاٿل اهي سياح شروع ۾  مائٽن کي فون ڪال ڪندا ۽ مدد جو انتظار ڪندا رهيا،  پر نه برف هٽائڻ جون مشينون آيون نه لوڻ هارڻ واريون گاڏيون، ايئن وقت سان گڏوگڏ مدد جي انتظار جي اميد به ختم ٿيڻ لڳي هئي.

قطار ۾ ڦاٿل هزارين گاڏيون برف ۾ دٻجي رهيون هيون، پر نه سرڪاري اهلڪار، نه حڪومت، نه اربين رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ڪا خبر هئي. هي  اين ڊي ايم اي اهو ادارو آهي جنهن جي جوڙ جڪ تباهه ڪن زلزلي کانپوءِ ٿي هئي ته مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جو ذميوار اهو ادارو هوندو، پر ڪجهه سالن ۾ ٻوڏ هجي يا طوفاني برسات جون تباهيون هن اداري جي ڪارڪردگي ماٺ ئي رهي.

 هوڏانهن اونداهي جا پاڇا سياحن کي پنهنجي شڪنجي ۾ جڪڙي رهيا  هئا، اها رات  خوفناڪ رات جو روپ اختيار ڪري چڪي هئي، هاڻي پريشاني اها هئي ته ٻڏل اعصاب ۽ ڏڪندڙ بدن سان ڀر پاسي پناهه وٺجي ته ڪيئن وٺجي؟ هوٽل اڻلڀ ۽ جيڪڏهن موجود به هئا ته رات گذارڻ لاءِ هڪ ڪمري جي ٻولي 40،50 هزار تائين هئي.

هڪ  عورت پنهنجا زيور ڏئي هڪ وڏي نالي واري هوٽل ۾ رات گذاري. هيٽر جي  قيمت الڳ وصول ڪئي پئي وئي، اوٻاريل بيدو 500 رپيا، پاڻي جي بوتل 300 رپيا، گاڏين جي ٽائرن جي چوڌاري زنجير ٻڌڻ جا 10 هزار رپيا ورتا پئي ويا، هڪ طرف موت جا پاڇا هئا ۽ ٻئي پاسي سرڪار ۽ انهي جا ادارا غائب ڀر پاسي ڪجهه هو ته سياحتي صنعت جي لالچ ۽ بي رحمي هئي.

 ڪجهه نوجوانن جون ٽوليون طوفاني رات ۾ پنڌ نڪري پيون، ڪجهه مقامي ماڻهن جون به دليون همدردي ۾ ميڻ ٿيون، پر ڪجهه بدنصب خاندان ننڍڙا ٻارڙا هئڻ ڪري گاڏين ۾ ئي رهڻ تي مجبور ٿيا،  انجڻ اسٽارٽ ڪئي، هيٽر کوليا ۽ ڪجهه لمحن ۾ ننڊ جي جهولي ۾ هليا ويا،  پر هو بي خبر هئا ته زهريلي ڪاربن مونو آڪسائيڊ گيس کين موت جي جهولي ۾ وٺي ويندي.

 مردان جا 4 دوست هجن يا پنڊي جو شهزاد، تله گنگ جو پوليس اهلڪار نويد اقبال هجي يا گوجرانوالا ۽ لاهور  جو معروف يا اقبال،ڀينرون اقرا ۽ عائشه هجن يا انهن جا ننڍڙا 2 ڀائر انهن جا بي جان پر سڪون چهرا، انهن جي مائٽن عزيزن جا پار ۽ سانحي تي ڏک ۽ غم هن رياست تي سوالن جي ڀرمار ڪري رهيا آهن،

 ته ذميوار ڪير آهي؟ آخر هن مجرماڻي غفلت جو ذميوار ڪير آهي؟

جنهن حڪومت جي منشور ۾ سياحت جي واڌ اهم نقطي جي حيثيت رکي ٿي انهي حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن جي بيانن جو جوابدار ڪير هوندو جو سانحي کان اڳ خوشي جو اظهار ڪيو پئي ويو ته مري ۾ هڪ لک گاڏيون داخل ٿيون، هر پاسي سياح ئي سياح آهن، معيشت وڌي رهي آهي، ڄڻ حڪومت جي نقادن تي لعنت هجي ۽ سرڪار جو مان مٿانهون هجي.  سانحو ٿيو ته ستم ظريفي ڏسو ته بيانن به ڪلٽي کاڌي، وزيراعظم هجي يا ان جا خاص صلاحڪار سڀني جي مذمتي بيانن ۾ اها سٽ به شامل  هئي ته سياحن کي موسم جي اڳڪٿي  ڏسي سفر ڪرڻ گهرجي ها، ڄڻ ذميواري ماڻهن جي آهي. سوال اهو آهي ته مري ۾ 7.6 هزار گاڏين جي گنجائش آهي ته لک گاڏين جي داخلا تي خوشي ڇو پئي ملهائي وئي؟ سرڪاري امدادي ٽيمن جي دير سان، بوزدار سرڪار جي نااهلي تائين سوالن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي، ذميواري وقت جي حڪومت جي آهي پر انهي موقعي تي اپوزيشن جماعتون به پنهنجي سياست چمڪائي رهيون آهن.

پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي )هجي يامسلم ليگ (ن)  جا سياستدان سڀئي اقتدار ۾ رهيا آهن، ڪير ٻڌائي ته انهن جي دور ۾ ڪهڙا ڪهڙا ترقياتي ڪم ٿيا؟ پهاڙن تي موجود جنگل ٽمبر مافيا جي ور ڪيئن چڙهيا؟  بزرگن کان ٻڌو هو ته ننڍي  کنڊ جي ورهاست کان اڳ ماهرن جي مطابق مري جي پهاڙن تي ڪاٺين سان تعميرات ٿيڻ گهرجي ها،  پر انهن حڪمرانن جي اقتدار ۾ پهاڙن تي ڪنڪريٽ جا غير قانوني ڪمرشل پلازه ڪيئن ٺهي ويا؟ ڪنسٽرڪشن مافيا جو راڄ ڪيئن قائم ٿيو؟  اوهان قدرت جي نظام تي ظلم ڪندئو ته اوهان به قدرت جي شڪنجي ۾ جڪڙجي ويندا.

شاهد خاقان عباسي وزيراعظم رهيو آهي هن جو تعلق انهي علائقي سان آهي، پوءِ عيد هجي يا چونڊ جا نتيجا يا ڪو ڏکيو موقعو هجي ته عمران خان صاحب به انهن پهاڙن جو رخ ڪندو آهي. شريف خاندان هجي يا زرداري يا برطانوي راڄ جا “وفادار” سياستدان هجن سڀني وائسراءِ وانگر انهن تفريحي ماڳن تي گرمين جي موسم لاءِ وڏا وڏا گهر ٺاهي ڇڏيا آهن.

حقيقت ۾ هن ڌرتي تي ٻه پاڪستان آهن، هڪ اشرافيا جو ۽ ٻيو مسئلن ۾ ڦاٿل  عوام جو  هتي ٻٽا معيار آهن، ٻٽو انصاف آهي ۽ ٻٽو احتساب آهي. هتي هڪ طبقاتي ويڇو آهي جنهن معاشري کي ورهائي ڇڏيو آهي.  هڪ پاڪستان ۾ اشرافيا کي جديد دنيا جي  تفريحي جو حق حاصل آهي ۽ ٻئي طرف محرومين جا ڍڳ آهن، هڪ طرف دولت جا ڍير آهن ٻئي طرف غربت، جهالت، مذهبي انتهاپسندي جا ٺڪاڻا آهن  هزاره برداري جا کاڻ کوٽيندڙ هجن يا ڪراچي جي بلديه فيڪٽري جي باهه ۾ سڙي ويندڙ غريت مزدور، سانحن جي هڪ ظالماڻي تاريخ آهي. هر سانحي کانپوءِ رڙيون هونديون آهن، ٽي وي اسڪرينن تي سانحي  جي پل پل جون خبرون اينديون آهن، ڪير ذميوار ڪير غير ذميوار جا هوڪرا ڪندڙ بيان ايندا آهن ۽ هر سانحي کانپوءِ هڪ ٻئي سانحي جو انتظار ڪيو ويندو آهي،

 بدقسمتي سان ميڊيا به اڪثر سانحي جي سياست ۾ وهي ويندي آهي يا انهي جو ڪردار تعميري تنقيد بدران سياست جي ورچڙهي ويندو آهي. مري ۾  برفاني طوفان جون اڳڪٿيون ڪيون پئي ويون ته ميڊيا آگاهي ڏيڻ  جو ڪم ڪري پئي سگهي،  پر انهي وقت اهي سازشي نظريا ورجايا پئي ويا، اهي 3 سياستدان يا 3 سياسي تجزيي نگار ۽ اهو ئي “نواز شريف جي واپسي ٿيندي  يا نه” “ڇا عمران خان جي  حڪومت جي خاتمي جي ابتيڳڻپ شروع آهي”، “ڇا اسٽيبلشمينٽ متبادل جي ڳولا ۾ مسلم ليگ ن سان ڊيل ڪري رهي آهي يا زرداري سان” وغيره وغيره، پر جڏهن رياست جي سوچ انتشار جو شڪار  هجي ته معاشري ۾ محقق ۽ دانشور غير اهم قرار ڏنا ويندا آهن، ۽ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت به شايد هيجان جي ورچڙهي ويندي آهي. هر سانحي کانپوءِ خدشن ۽ عدم تحفظ جي احساس سان زندگي گذارڻ جو بار ۽ پوءِ حڪمرانن جي برف جهڙي بي حسي. سانحي مري ۾ حياتي هلي وڃڻ تي سرڪار پاران رقم ادا ڪرڻ جو روايتي فارمولو ورجايو ويو آهي، هن ڀيري هڪ حياتي جي قيمت 8 لک رپيا رکي وئي آهي،  انساني حياتي بچائڻ جي قيمت جو سودو به ٿيڻ گهرجي. اسان هارايو، ٻولي اوهان جي.

 افسوس صد  افسوس