چمن(م ڊ) طورخم سرحد تي هڪ دفعو ٻيهر ايف سي ۽ افغان فورسز ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو. جنهن ۾ وڏن ڳرن هٿيارن جو استعمال ٿيو، ايف سي ذريعن موجب افغان فورسز جا اهلڪار طورختم سرحد ويجهو روڊ ۽ مورچا ٺاهي رهيا هئا ته کين افغان فورسز روڪيو. جنهن تان ڇڪتاڻ وڌي وئي، ٻنهي طرفن کان فائرنگ ٿي، پر ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه مليا، طورختم سرحدي لنگهه هر قسم جي آمدرفت لاءِ بند ڪئي وئي آهي. جنهن تي واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن سخت احتجاج ڪيو. ٻئي طرف طورخم بازار ۽ آسپاس ۾ رهندڙ ڪيترائي خاندان محفوظ هنڌ منتقل ٿي ويا آهن.