پشاور: (م ڊ) طورخم بارڊر تي ڪالهه نائين ڏينهن به واپاري سرگرميون معطل آهن. بارڊر جي ٻنهي پاسن کان سوين مال بردار گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن. پاڪستاني بارڊر اختيارين طورخم بارڊر تي واپارين کي ڊرائيورن جي ويزا سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ڪارگو ٽرڪ ڊرائيورز کي بنا ويزا پاسپورٽ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. ٻنهي طرفن کان فروٽ ۽  مختلف ڀاڄين سان  ڀريل هزارين گاڏيون 9 ڏينهن کان بيٺل آهن. سرحد جي بندش سبب گاڏين ۾ موجود فروٽ ۽ ڀاڄيون خراب ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. طورخم سرحد جي بندش سبب قومي ناڻي کي روزاني 88 ڪروڙ کان وڌيڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي.