لنڊن (شوبز نيوز) هندستان ۾ منعقد ٿيندڙ مس ورلڊ 2025 جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ برطانوي حسن جي راڻي ملا ميگي، هندستاني سماج ۾ پنهنجي سان ٿيندڙ شرمناڪ سلوڪ تي پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. برطانوي ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾، 24 سالن جي ملا ميگي چيو ته، “مون سان هڪ طوائف وانگر سلوڪ ڪيو ويو، سڄو ڏينهن امير، وچولي عمر جي مردن سان گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڄڻ ته مان انهن جي تفريح جو ذريعو هجان. هن وڌيڪ چيو ته، “مان هڪ معزز مقابلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ آئي آهيان، ڪنهن کي تفريح ڪرڻ يا وقت گذرڻ لاءِ نه.” “مس ورلڊ جهڙي مقابلي ۾ به، ڪجهه اخلاقي حدون هجڻ گهرجن. ميلا ميگي ظاهر ڪيو ته هوءَ انهن حالتن ۾ وڌيڪ اتي رهڻ برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ فوري طور تي مقابلو اڻپورو ڇڏي انگلينڊ واپس هلي وئي. ان انڪشاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل پيدا ڪيو آهي، صارفين هندستاني تقريب ۾ عورتن سان ٿيندڙ سلوڪ تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن.