ڪابل (م ڊ) طالبان جي افغانستان ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ عورتن مٿان تعليم ۽ نوڪرين مٿان پابندي کانپوءِ هاڻي عورتن جي نرسنگ ۽ دائين جا ڪورسز ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي آهي، ڪورسز بند ڪرائڻ جا حڪم ڏنا ويا. عالمي خابرو اداري موجب طالبان جي سپريم ليڊر جي حڪم تي جلد ئي عورتن کي صحت جي شعبي ۾ مختلف ڪورسز ڪرڻ کان محروم ڪيو ويندو.