نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارت جي ريئلٽي شو ”بگ باس“ ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا عرشي خان افغانستان جي تبديل ٿيل صورتحال کانپوءِ مسلسل خبرن جي زينت بڻيل آهي.عرشي خان پنهنجي تازي وڊيوز ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ان جو واسطو پاڪستان نه پر افغانستان سان آهي ۽ سندس پيءُ افغانستان مان لڏي ڀارت آيو ۽ هاڻ هوءَ ڀارتي آهي.هاڻ اداڪارا هڪ انٽريو ۾ چيو آهي ته منهنجي پيءَ پنهنجي هڪ دوست جي پٽ سان منهنجو مڱڻو ڪرايو هو، جيڪو افغان ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر آهي ۽ اهو رشتو گهروارن جي راضپي سان ٿيو، جنهن کانپوءِ اسان ٻئي دوست بڻجي چڪا آهيون ۽ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي پر هاڻ اهو رشتو وڌيڪ قائم نه رهي سگهندو.سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ طالبان جي ٽيڪ اوور کانپوءِ منهنجي خيال ۾ گهر وارا هاڻ ان رشتي کي جاري نه رکندا، ان بدران اهي ڀارت ۾ ئي منهنجي لاءِ ڪو رشتو ڳوليندا.