اسلام آباد(م ڊ) امارات اسلامي افغان حڪومت اچڻ کانپوءِ افغان پناهگيرن جي آمد ۾ اضافو ٿيو، پاڪستان ۾ 7 لک 75 هزار غيرقانوني افغاني داخل ٿيا، افغان ڪمشنريٽ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو، دستاويزن موجب غيرقانوني رهندڙ افغانين ۾ 51 سيڪڙو خيبر پختونخوا ۾ رهن ٿا، هلندڙ سال ڪي پي ۾ 3 هزار 911 افغان پناهگير ڏوهن ۾ ملوث قرار ڏنا ويا. 597 افغاني پاڪستاني ڪارڊ ٺهرائڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ٿيا،