طالبان جون واعدي خلافيون ۽ وڃائجي ويل افغانستان

0
68
طالبان جون واعدي خلافيون ۽ وڃائجي ويل افغانستان

 جولاءِ جي آخري ڏينهن ڪابل جا گهڻا ماڻهو گرجندڙ ڌماڪن ۾ جاڳي پيا ۽ آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي ويو. افواهن جي بازار گرم هئي پر تيستائين سرڪاري طور ڪجهه نه چيو ويو جيستائين ٻن ڏينهن کانپوءِ آمريڪا اعلان ڪيو ته نائين اليون جي مکيه منصوبا ساز القائده اڳوڻ ايمن الزواهري کي سي آءِ اي جي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو آهي.

                 ٻن دوزخي ميزائيلن شيرپور جي هڪ گهر کي نشانو بڻايو جتي زواهري طالبان جي حڪومت ۾ مهينن کان رهيو پيو هو. جنهن کي طالبان ڊاڪٽر جي نالي سان سڏيندا هئا.شيرپور ڪابل جي گهڻن ماڻهن وٽ چور پور( چورن جا پاڙيسري)جي نالي سان مشهور آهي جتي گهڻو ڪري جنگ مان منافعو ڪمائيندڙن جون حويليون آهن.

                 زواهري جو قتل طالبان جي لاءِ هڪ نه پر ڪيئي حوالن سان بم ڌماڪو هو.هو سمجهن ٿا ته ٽيون ميزائيل آمريڪا طرفان موڪليل پيغام هو ته افغانستان مان نڪرڻ جو مقصد هرگز اهو ناهي ته ڪو فوجي ڪارروائي جو خاتمو ٿي چڪو آهي.طالبان واعدو ڪيو هو ته اهي القائده سميت پرڏيهي ويڙهاڪن سان تعلق ختم ڪندا، جيڪي دهشتگردي ۾ ملوث آهن انهن کي تحفظ نه ڏيندا پر واعدي جي ڀڃڪڙي جي کين اها قيمت ادا ڪرڻي پئي.

گذريل سال جڏهن کان طالبان افغانستان تي قبضو ڪيو آهي، اهي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.هنن جو القائده،سينٽرل ايشيا جي ويڙهاڪن ۽ پاڪستاني طالبان (ٽي ٽي پي ) سان نسلي ۽ نظرياتي رشتو آهي جن سان گڏجي هو نيٽو فورسز سان وڙهيا. هو افغانستان کي دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙي نه سگهيا،نه ئي هو خطرناڪ مخالف داعش يا آءِ ايس ڪي پي جي مقابلي ۾ پاڻ کي اڪيلو ڪري سگهن ٿا.

ماضي طالبان کي پريشان ڪري رهيو آهي.جڏهن هو خاص ڪري شهري مرڪزن ۾ تبديل ٿيل سياسي سماجي حالتن کي سمجهڻ جي جاکوڙ ڪن ٿا.نائين اليون کانپوءِ ڊجيٽل دنيا ۾ پيد اٿيل ۽ مغرب جي قدرن سان شناسائي رکندڙ نسل روڊن تي طالبان جي پراڻن فيصلن خلاف مزاحمت ڪري رهيو آهي. جهڙوڪ لکين ڇوڪرين کي هاءِ اسڪول جي تعليم کان محروم ڪرڻ. ڇوڪرين وچ ڪابل ۾ مظاهرا ڪيا. اهي مظاهرا طالبان جي قبضي جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ٿيا.“ماني،ڪم ،تعليم ۽ آزادي”انهن اهي نعرا هنيا جنهن تي طالبان جي سپاهين کي عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ جو سهارو وٺڻو پيو.

ايمنسٽي انٽرنيشنل جي تحقيقاتي رپورٽ مطابق طالبان جون ظالماڻيون پاليسيون لکين عورتن ،ڇوڪرين کي محفوظ،آزاد،۽ ڀرپور زندگي گذارڻ جي موقعن  کان محروم ڪري رهيون آهن.انهي رپورٽ جو عنوان“طالبان جي دور ۾عورتن ۽ ڇوڪرين جو آهستي آهستي موت ”آهي.

افغانستان جا طالبان هڪ راءِ جا نه آهن. قيادت کي جنگ کان حڪمراني واري پاسي وٺي وڃڻ لاءِ ڏکيايون آهن.قيادت ورهايل آهي،هڪڙا چاهين ٿا ته ڳالهيون ڪيون وڃن،جڏهن ته ٻيا ملڪ کي 1996ع وانگر هلائڻ چاهين ٿا. اها ڳالهه ناليواري صحافي ۽ ليکڪ ڪيٿي گينن ڪئي،جنهن ڏهاڪن کان جنگ جو شڪار افغانستان کي رپورٽ ڪيو آهي.

زميني حقيقتون هاڻ بلڪل مختلف آهن.انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا شهري توڙي ٻهراڙي جي آبادي تائين انهن جي پهچ، جيڪا اڳ ڪڏهن نه هئي. اهي سڀئي شيون گڏجي انهن(طالبان)جي مرضي کي پورو ڪرڻ کي ناممڪن بڻائي رهيون آهن.گينن ٻڌائي ٿو.

افغانستان جي اڄ جي خوفناڪ تصوير ڏهاڪن جي جنگ،غير ملڪي حملن ۽مداخلتن،موت،تباهي،جنگي سردارن جي موتمار ويڙهه۽ نسلي ۽ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ جي عڪاسي ڪري ٿي،جيڪا زخمي افغانستان جي رت سان ڀريل ڪينواس ڇڏي ٿي.

ٻه ڏهاڪا ۽ ٻه ٽريلين ڊالر آمريڪا اتي خرچ ڪيا پر حڪمراني جو ڪو بهتر ڍانچو نه ڇڏيو ويو،ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي تڙتڪڙمان نڪرڻ۽ بعد ۾ هزارين افغانين جي لڏپلاڻ سبب اهو نظام ڳري چڪو آهي،غير ملڪي امداد تي ڀاڙيندڙ افغانستان طالبان جي دور ۾ ٽنگيو پيو آهي،ڪنهن کي ڏوهه ڏجي!؟ طالبان کي جيڪي اڃا تائين بين الاقوامي قبوليت ملڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن؟روسي ،آمريڪي يا علاقائي رانديگرن کي؟ طاقت جي بکين افغان ويڙهاڪن کي؟يا ڪرپٽ اڳواڻن کي جن هن نازڪ موڙ تي انهي کي ڇڏي ڏنو؟

“مغرب/ آمريڪاڪڏهن افغانستان کي سمجهيو ئي ناهي،نه ئي انهن انهي کي سمجهڻ لاءِ ضروري ڪوششون ڪيون ۽ نه ئي انهن وٽ ڪا واضح حڪمت عملي هئي ته ڪيئن کٽڻو آهي يا ڪيئن ٻاهر نڪرڻو آهي ”گينن چئي رهيو هو.

اڄ ملڪ انهي کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن کي اقوام متحده دنيا جو سڀ کان وڏو بحران قرار ڏئي رهي آهي. انهي جي 38 ملين ماڻهن مان اڌ کان وڌيڪ غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن،لکين ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن،جڌهن ته انهي جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي.آمريڪا افغانستان جا لکين ڊالر منجمد ڪري ملڪ جي معيشت کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.مغرب جي دنيا عورتن جي حقن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو حوالو ڏئي طالبان جي هٿن ۾ رقم ڏيڻ کان انڪار ڪندي غير ملڪي امداد روڪي ڇڏي آهي.

هيومن رائيٽس واچ جي افغانستان جي جي باري ۾ تازو ئي جاري ڪيل رپورٽ ۾ فرشته عباسي لکيو آهي ته “افغان عوام انساني حقن جي ڊيڄاريندڙ خواب ۾ جي رهيو آهي،طالبان جو ظلم ۽ بين الاقوامي بي حسي ٻنهي جو شڪار آهن”

طالبان پنهنجي ماضي جي غلطين کي ورجائي رهيا آهن.ڇوڪرين جي تعليم تي بندش ۽ ايمن الزواهري جي ميزباني جهڙين نقصانڪار حرڪتن سان هو پنهنجي اها ئي سڃاڻپ ڪرائي رهيا آهن جيڪا 99 جي ڏهاڪي ۾ هئي.اها ڳالهه ڪابل ۾ آمريڪن يونيورسٽي جو مبصر ۽ ليڪچرار عبيدالله باهير ڪري رهيو هو.انهن جون اهي حرڪتون بين القوامي قبوليت وٺڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيون آهن.

طالبان پنهنجي ناڪامين جا پاڻ ذميوار آهن.ايئن چوڻ جو هرگز اهو مطلب ناهي ته آمريڪا انهي عمل ۾ بلڪل ايماندار رهيو آهي،پر طالبان پنهنجي غلطين جا پاڻ جوابدار آهن.باهير چئي رهيو هو.

ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان طالبان اندر اختلا ف آهن.طالبان کي ٽن مکيه شاخن ۾ ورهايو ويو آهي.نظرياتي يا خالص،سياسي گروهه ۾ نام نهاد اعتدال پسند،۽ جنگ ۾ سخت ويڙهاڪ قوت.ڪابينا يا سياسي گروپ جا ميمبر ملا برادر سميت،حقاني برادران،سراج الدين  جنهن کي خليفو يا انس چيو ويندو آهي ۽ عبدالقهار خلجي سڀ ڪابل ۾ ويٺل آهن.

انهن مان اڪثر مغربي دنيا جي سفارتي برادري سان رابطي ۾ آهن ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن ۽ اهي ڇوڪرين کي تعليم جي اجازت ڏيڻ جي حق ۾ هئا.شوريٰ ڪائونسل جي ميمبرن جو نظرياتي گروپ، سپريم ليڊر هيبت الله آخونزاده سان گڏ گهڻو ڪري پنهنجي هيڊ ڪوارٽر قنڌار۾90 جي ڏهاڪي جي ملان عمر جي دور وانگر رهندو آهي  ۽ 90 جي ڏهاڪي وانگر آخري لفظ  قنڌار مان آيا.جيڪي افغانستان تي حڪومت ڪرڻ جي طريقيڪار تي انهن ۾ اختلافن کي ظاهر ڪري ٿو.

مغرب افغانستان ۾ هڪ اسٽرٽيجڪ ٿڪاوٽ جو مظاهرو ڪيو آهي .پئسو ۽ وسيلا روس يوڪرين جنگ،انهي جي انساني بحران۽ توانائي ۽ خوراڪ جي بحران جي ذريعي پنهنجي گهر جي پويان موڙي ڇڏيا آهن.انهي امداد کي ڏسندي بين الاقوامي قبوليت کانسواءِ افغانستان کي هلائڻ وارن طالبان لاءِ انهي وقت تائين ڏکيايون رهنديون جيستائين هو پنهنجي حڪمراني جي طريقي کي تبديل نه ٿا ڪن۽ هڪ گڏيل حڪومت نه ٿاجوڙين.

افغانستان لاءِ مستقبل غير يقيني سان ڀريل آهي،اميد ۽ مايوسي ٻئي.

“مقصد اهو هجڻ گهرجي زور لڳائيندا رهن،انهي ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته طالبان ڪنهن به قسم جي سڃاڻپ  تي پهچي وڃن، ته کين احساس ٿئي ته کين گهرو مقبوليت حاصل ڪرڻ گهرجي.” افغان معاشري جي اندر مفاهمت جي ڪوشش ڪندڙ وڪيل باهير چئي ٿو ته انهن کي رڳو افغان ئي داخلي قانوني حيثيت ڏئي سگهن ٿا،جيڪي محسوس ڪن ته انهن جا حق طالبان جي حڪومتي دور ۾ محفوظ آهن.پر هن جي دل ۾ هو محسوس ڪري ٿو ته افغانستان وڃائجي چڪو آهي .

هن چيو ته آگسٽ 2021ع ۾ اسان افغانستان کي ٻيهر وڃائي ڇڏيو.“گذريل سال انهي کي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.