اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي مينگل) جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته طاقت جي زور تي ڳجهي طريقي سان آندل آئيني ترميم جو حصو نه بڻجنداسين، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته 1973 جي آئين کي 51 سال گذري چڪا آهن، اهڙي ڪهڙي مصيبت اچي وئي آهي جو رات پيٽ ۾ ڳجهي طريقي سان ان ۾ ترميم جي ضرورت پئجي وئي آهي، هن چيو ته بندوق جي زور تي نه اڳ ڪنهن سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ نه آئنده ڪنداسين،. عجيب ڳالهه آهي ته آئيني ترميم کي هڪ ڳجهي دستاويز طور رکيو پيو وڃي، اهو مختلف قسمن ۾ ورهائجي رهيو آهي، ڪڏهن هڪڙي پاسي کان مسودو اچي ٿو ته ڪڏهن ٻئي پاسي کان ڊرافٽ اچي ٿو، سوال اهو آهي ته انهن ترميمن جو خالق ڪير آهي، حڪومت، اتحادي يا اپوزيشن؟ يا اهي قوتون آهن جن کان سدائين آئين کي خطرو رهيو آهي؟ اختر مينگل وڌيڪ چيو ته مختلف جماعتن جي ميمبرن کي هيسايو ۽ اغوا ڪيو پيو وڃي، اسان جا کنڀيل ميمبر واپس ڪيا وڃن ته پوءِ ڳالهيون ٿينديون.ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي وفد سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. جي يو آءِ ف جي وفد ۾ مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عطا الرحمان، عثمان باديني ۽ ڪامران مرتضيٰ شامل آهن. بلاول ڀٽو زرداري سان سيد نويد قمر جڏهن ته سردار اختر مينگل سان گڏ اختر حسين، ايڊووڪيٽ ساجد ترين، آغا موسيٰ جان، شفقت لانگو ۽ مير جهانزيب به گڏ هئا. هن چيو ته جنهن انداز ۾ اهي ترميمون آڻڻ چاهين ٿا، مختلف پارٽين جي ميمبرن کي حراسان ڪرڻ، اغوا ڪرڻ، طاقت ذريعي آئيني ترميم ۾ اُن جو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ، ڇا اهو جمهوري عمل آهي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. اختر مينگل چيو ته ڳالهين دوران اسان جي ٻن سينيٽرن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، سندن ٻارن کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، نوڪريون کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته اڄ به اسان جا ٻه سينيٽر قاسم رونجو پنهنجي پٽ سميت گذريل 5 ڏينهن کان غائب آهن، ميڊم نسيمه احسان جنهن جو مڙس سينيٽر رهي چڪو آهي، ان کي پارليماني لوجز ۾ يرغمال بڻائي ان جي گهرواري کي ووٽ ڏين لاءِ مجبور پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي اهڙي قدم منهنجي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ واري فيصلي جي تصديق ڪئي آهي، هن وقت قومي، صوبائي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ ويٺل ڪنهن به ميمبر جي ڪا حيثيت ناهي