حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي ھنڱورجا مان اغوا ڪيل سينيئر صحافي فياض سولنگي جي بازيابي جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ صحافي محفوظ ناھن. طاقتور ماڻھو ٽارگيٽ ڪري صحافين کي قتل يا اغوا ڪرائين ٿا. جان محمد مهر، عزيز ميمڻ، نصر الله گڏاڻي، اجئي لالواڻي، بچل گھنڃو سميت جيڪي صحافي نشانو بنايا وڃن ٿا ڪجھ ڏينھن تائين ھاءِ پروفائيل بنجڻ کانپوءِ ڪو ٻيو صحافي نشانو بنائي خاموش ڪيو وڃي ٿو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته فياض سولنگي جو ڏوھه اھو آھي ته ھو قلم جو پورھيو ڪري ٿو. سماج ۾ جيڪو ڪجھه ٿئي ٿو ان کي لفظن جو روپ ڏئي دنيا کي ڏيکاري ٿو. سنڌ ۾ ڪو قانون ناھي، ڪو محفوظ ناھي، صرف حڪمران محفوظ آھن، بلڊ پروف گاڏيون ۽ اڳيان پٺيان پوليس جو پروٽوڪول آھي، وزيرن جي گاڏين مان ڌاڙيلن جي فراھم ٿيندڙ ھٿيار ملن ٿا، منشيات ملي ٿي. دراصل اھا ئي پ پ حڪومت جي ڪارڪردگي آھي. هن چيو ته اتر سنڌ کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آھي، اھي ڌاڙيل پ پ وزيرن، وڏيرن ۽ سردارن معرفت ڪنٽرول ڪيا پيا وڃن. ڌاڙيلن ۽ برادري جھيڙن جي ڪري تعليم کي تباھ ڪيو پيو وڃي.