طاقت، وسيلا ۽ سامراج: انساني تاريخ جي ناتمام جنگ

0
25
طاقت، وسيلا ۽ سامراج: انساني تاريخ جي ناتمام جنگ

انساني تاريخ هميشه طاقت، بالادستي ۽ وسيلن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ جنگين، حملاورن ۽ سامراجي نظامن سان ڀريل رهي آهي. دنيا جي قديم تهذيبن کان وٺي جديد قومن تائين، مختلف رياستن ۽ حڪمرانن پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن ۽ قومن تي ڪاھون ڪيون، قبضا ڪيا، ۽ تهذيبون برباد ڪيون. سوميريا، مصر، هند، چين جهڙيون تهذيبون به ان عمل کان آجيون نه رهيون. سرگون اعظم جي اڪادي سلطنت، فرعون ٿوٽموسس سوم جا شام ۽ فلسطين تي حملا، اشوڪ اعظم جي ڪلنگا جي جنگ، سڀ اهڙن مثالن مان آهن. ڪڏهن طاقت جي طلب جنگ جو سبب بڻي، ته ڪڏهن جنگ کان پوءِ اخلاقي واٽ اختيار ڪئي وئي، جيئن اشوڪ جي تبديليءَ مان ظاهر ٿئي ٿو.

                 اسلامي دور ۾ عباسي خلافت، محمود غزنوي، غوري، مغلن، ۽ ٻين سلطنتن جون فوجي مهمون پڻ علائقائي توسيع ۽ مذهبي اثر رسوخ لاءِ هيون. ساڳئي وقت، يورپي سامراجيت جا حملا، خاص طور انگلينڊ، فرانس، پرتگال، اسپين، بيلجيم پاران ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا تي ڪيل قبضا، انساني تاريخ جا سڀ کان ظلم ڀريا باب لکيا ويا آهن. ڪانگو ۾ ليوپولڊ-2 جو نسل ڪشي وارو دور، آمريڪا جي اصل باشندن جو ٿيندڙ قتل عام، ۽ برطانيا جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو برصغير تي قبضي، استعماري جبر جا ڳرا مثال آهن.

ويهين صديءَ ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين طاقت جي نئين شڪل طور اڀريا. ويٽنام، افغانستان، عراق، ڪيوبا، ايران، فلپائن ۽ ٻين ملڪن ۾ سياسي مداخلتون ۽ فوجي حملا سامهون آيا. برطانيا چين تي اوپيئم جنگ مڙهي، ته جاپان ۽ جرمني عالمي جنگن ذريعي يورپ ۽ ايشيا کي برباد ڪيو. نانڪنگ قتل عام، پولينڊ تي نازي حملا، ۽ آمريڪا جو ايران ۾ مصدق جو تختو اونڌو ڪرڻ، سرد جنگ جي سياست جا حصا هئا. “وار آن ٽيرر” جي نالي ۾ افغانستان، عراق ۽ ٻين ملڪن تي حملا، جديد سامراجيت جو تسلسل رهي آھي. ايڪويهين صديءَ ۾ روس جو يوڪرين تي حملو، ۽ وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي جارحيت، سامراجيت جي نئين قسمن جو نمونو آھن. خاص طور اسرائيل، جيڪو 1948ع کان پوءِ ناجائز طور تي فلسطين تي قبضو ڪري قائم ٿيو، هڪ سامراجي اوزار طور سامهون آيو. فلسطينين کي سندن زمينن تان بي دخل ڪرڻ، گهر ڊاهڻ، آباديون مٽائڻ ۽ نسل ڪشيءَ جا عمل، عالمي قانون جي ڀڃڪڙيون آهن.

اسرائيل، جيڪو فلسطين جي زمين تي غيرقانوني طور قابض ٿي چڪو آهي، مسلسل ظلم، جبر ۽ نسل ڪشي جهڙا عمل ڪري رهيو آهي، جتي لکين فلسطيني ماڻهن کي بي دخل ڪري، انهن جا گهر ڊاهي، زمينون هٿ ڪري، کين بي وطن بڻايو ويو آهي. ھي عمل بين الاقوامي قانونن تحت نسل ڪشي ۽ انسانيت خلاف ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو. اسرائيل جي بربريت صرف فلسطيني علائقن تائين محدود نه رهي آهي؛ پر آمريڪا جي مڪمل سهڪار سان هن خطي ۾ اهڙو ته سياسي ۽ فوجي دٻاءُ پيدا ڪيو ويو آهي جو عرب ملڪ، جيڪي ظاهر ۾ فلسطيني حقن جا حمايتي آهن، عملي طور آمريڪي هٿيارن جا وڏي پيماني تي خريدار بڻجي چڪا آهن. انهن ملڪن، خاص طور تي سعودي عرب، متحده عرب امارات، ۽ ٻين خليجي رياستن، سوين ارب ڊالر آمريڪي هٿيارن جي خريداري ۾ لڳائي، پاڻ کي حفاظتي بندوبستن جي نالي تي آمريڪا جي واپاري مفادن جي تحفظ لاءِ گروي رکيو آهي. آمريڪا، جيڪو اسرائيل کي خطي ۾ پراڪسي طاقت طور استعمال ڪري ٿو، ڪنهن به اهڙي رياست يا اڳواڻ کي برداشت نٿو ڪري جيڪو اسرائيل لاءِ خطرو ثابت ٿي سگهي. ساڳئي پاليسي جي نتيجي ۾ عراق جي اڳواڻ صدام حسين تي ڪوڙو الزام لڳائي، ملڪ تي حملو ڪيو ويو، کيس ڦاسي ڏني وئي، ۽ عراق کي تباهه ڪيو ويو. اهڙي ريت، لبيا جي قذافي کي بي بنياد الزامن سان قتل ڪيو ويو، شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ويڙهاڪ موڪليا ويا ۽ ڪجھه عرصو اڳ سندس تختو اونڌو ڪري کيس جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو، ۽ لبنان ۾ حزب الله کي ٽارگيٽ ڪري تباهه ڪيو ويو، گھٽ ۾ گھٽ کيس تمام گھڻو ڪمزور ڪيو ويو آهي. هاڻ اهو عمل ايران تي مرڪوز آهي، جيڪو هن وقت خطي ۾ اسرائيل جي توسيع پسند عزمن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. گھڻي وقت کان اسرائيل ايران تي حملا ڪري سندس سائنسدانن ۽ فوجي اڳواڻن کي آمريڪي حمايت سان قتل ڪندو رھيو آھي. ليڪن تازو اسرائيل پاران ايران تي حملا ڪري سندس فوجي قيادت ۽ ايٽمي سائنسدانن کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن سان خطي ۾ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ کليل جنگ شروع ٿي وئي آهي. هي سڄو منظرنامو ثابت ڪري ٿو ته اسرائيل، آمريڪا جي طاقت جي اوزار طور نه صرف فلسطينين خلاف ظلم جو ذريعو آهي، پر ان جي ذريعي آمريڪا سڄي وچ اوڀر ۾ سياسي، اقتصادي، ۽ فوجي غلبو حاصل ڪري چڪو آهي، جتي عرب ملڪ آمريڪي خوشنودي لاءِ پنهنجو پاڻ، پنهنجا وسيلا، ۽ پنهنجا مفاد قربان ڪري رهيا آهن.

سال 1948ع ۾ اسرائيل جي قيام کان پوءِ، ايران ان کي ڊي فئڪٽو قبوليو ۽ شاهه جي دور ۾ ويجهو اتحادي رهيو. پر 1979ع جي اسلامي انقلاب بعد، آيت الله خميني جي قيادت ۾ ايران اسرائيل جي مخالفت اختيار ڪئي، ان کي “شيطاني رياست” سڏيو ۽ فلسطين جي آزادي جي حمايت ڪئي. ايران، حزب الله، حماس ۽ ٻين تنظيمن کي مدد فراهم ڪرڻ لڳو، جن کي اسرائيل پنهنجي وجود لاءِ خطرو سمجهي ٿو. ان کان علاوه ايران جو ايٽمي پروگرام اسرائيل پنھنجي لاءِ خطرو سمجھي ٿو. ان سلسلي ۾ “اسٽڪسنيٽ” جهڙا سائبر حملا، ايٽمي سائنسدانن جو قتل، ۽ شام ۾ هوائي حملا، ايران جي طاقت کي روڪڻ جي ڪوشش هئا. ايران طرفان بشار الاسد جي مدد، اسرائيل لاءِ ناپسنديده قدم هو. ايران جي پراڪسيز حزب الله، حوثي، فاطميون وغيره، خطي ۾ ايران جي اثر رسوخ جا نمائندا آهن، جيتوڻيڪ اسرائيل انهن جي اڳواڻن کي ٽارگيٽ ڪري کين ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ کين ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.

ايران جي فوجي قوت آرٽيش ۽ آئي آر جي سي، تي مشتمل آهي. ان جا ميزائيل جهڙوڪ “شهاب”، “ذوالفقار”، “سجيل”، هزارين ڪلوميٽر پري تائين نشانو بڻائي سگهن ٿا. ايران جي ڊرون ٽيڪنالاجي، خاص طور “شاهد-136”، ۽ سايبر فورس، عالمي سطح تي سرگرم آهن. خليج فارس ۾ ايران جي بحري طاقت، آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن لاءِ چئلينج بڻيل آهي. ايران جو فوجي جوڙجڪ، خودمختياريءَ تي ٻڌل آهي، جيڪو سامراج خلاف دفاع جو اهم حصو آهي.

اھڙي طرح اسرائيل وچ اوڀر ۾ سڀ کان جديد فوجي طاقت آهي. سندس ايف-35 “ادير” جهاز، آئرن ڊوم، ايرو 2، ڊيوڊس سلنگ جهڙا ميزائيل دفاعي نظام، حملن کي روڪڻ جي صلاحيت رکن ٿا. موساد، شن بيٽ، ۽ ٻين ادارن ذريعي، اسرائيل سائبر ۽ خفيه آپريشنن ۾ ماهر آهي. اسٽڪسنيٽ وائرس، ايران جي ايٽمي سهولتن تي حملو، انهن مهارتن جو مثال آهي. اسرائيل جا اي آئي ڊرونز ۽ نيوڪليئر وار هيڊز بابت شڪ شبها، تڪرار کي وڌيڪ سنگين بڻائين ٿا.

تازو شروع ٿيل اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ شدت اختيار ڪري چڪي آهي. جيتوڻيڪ ايران جون سرحدون اسرائيل سان نٿيون تنھن ھوندي به ٻئي ملڪ جيڪو ملڪ ھڪ ٻئي تي جنگي جھازن، ڊرونز ۽ خاص ڪري جديد ميزائلن سان حملا ڪري رهيا آهن. ايراني حيرت انگيز طور تي پنھنجي ميزائيلن وسيلي دنيا جي ملڪن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ايران ميزائيل حملن، اسرائيل کي فوجي ۽ اقتصادي طور سخت نقصان پهچايو آهي.

ھينئر هي جنگ صرف ٻن ملڪن جو تڪرار نه، پر سامراجي نظام ۽ مزاحمتي تحريڪن جي وچ ۾ سڌي ٽڪر جي علامت بڻجي چڪي آهي. ايران، فلسطيني مزاحمت جي حمايت ڪري، عالمي سامراج خلاف موقف اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسرائيل، آمريڪي پٺڀرائي سان خطي تي پنهنجي اجاراداري قائم رکڻ چاهي ٿو.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته طاقتور قومون هميشه پنهنجي مفادن لاءِ مختلف جواز استعمال ڪنديون رهيون آهن، تهذيب، امن، مذهب، دهشتگرديءَ جو خاتمو وغيره. پر نتيجي طور ڪمزور قومن هميشه غلاميون ڀوڳيون آهن، ثقافتون برباد ٿيون، ۽ بيگناهه مارجي ويا. اهو ظلم جو چڪر اڃا ختم نه ٿيو آهي، رڳو نئون روپ اختيار ڪري رهيو آهي. ايران ۽ اسرائيل جو تڪرار، انهيءَ جاري سامراجي شطرنج جو تازو باب آهي.

ايران ۽ اسرائيل جي تڪرار جي پسمنظر ۾ عالمي سامراجي پاليسين، وسيلن تي قبضي جي خواهش، ۽ سياسي بالادستيءَ جا عنصر نمايان طور شامل آهن. هي تڪرار صرف ٻن ملڪن جي ويڙهه نه آهي، پر اها هڪ وڏي عالمي سياست جي عڪاسي آهي، جتي آمريڪا ۽ ان جا اتحادي، خاص طور تي نيٽو ملڪ، اسرائيل جي پٺڀرائي ذريعي علائقي تي پنهنجو اثر وڌائڻ چاهين ٿا. اسرائيل، جيڪو فلسطيني زمين تي ناجائز طور تي قائم ٿيو، ڏهاڪن کان انساني حقن جي ڀڃڪڙين ذريعي ظلم، قبضا گيري ۽ قتل عام ۾ ملوث رهيو آهي. ان جي حمايت ڪندي، مغربي طاقتون نه صرف عالمي قانونن جي لتاڙ ڪن ٿيون، پر وچ اوڀر ۾ طاقت جو غير منصفاڻو توازن به پيدا ڪن ٿيون. ايران، جيتوڻيڪ داخلي طور مذهبي قدامت پسنديءَ جو شڪار آهي، پر عالمي سطح تي سامراجي بالا دستيءَ خلاف بيهڻ وارو اهم ملڪ بڻجي چڪو آهي، جيڪو فلسطيني مزاحمتي گروپن جي حمايت ذريعي علائقي ۾ هڪ متبادل آواز طور اڀريو آهي.

ان ڪري ضروري آهي ته عالمي طاقتون پنهنجي سامراجي مفادن کان هٿ کڻن، ۽ اهڙو نظام قائم ڪن جيڪو قومن جي خودمختياري، امن، ۽ عالمي انصاف تي ٻڌل هجي. فلسطين کي آزادي، ايران کي دفاع جو حق، ۽ علائقي جي هر قوم کي پنهنجو سياسي مستقبل پاڻ طئي ڪرڻ جو اختيار هجي. پائيدار امن جو رستو اجاراداري، ظلم ۽ طاقت جي سياست کان نه، پر برابري، آزادي، ۽ غير ملڪي مداخلت جي خاتمي سان ئي ممڪن آهي. اهو ئي وچ اوڀر جي حقيقي سلامتي ۽ انصاف جو ضامن ٿي سگهي ٿو.