سڪرنڊ (ن پ ا) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته پ پ اميدوارن سوين جعلي ٺپا هڻي ڊٻاڀريا آهن، اڪثر پولنگن تي ووٽن جو تعداد گهٽ هو، جڏهن ته بيلٽ پيپر ان کان ڊبل نڪتا، پ پ حڪمرانن مان فيئر اليڪشن جي اميد نٿي رکي سگفهجي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جو سودو ڪري صدارت ۽ ٻن صوبن ۾ حڪومتون وٺندڙن مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، هن چيو ته وطن سان غداري ڪري سنڌو درياءَ جو سودو ڪيو ويو آهي، تاريخ کين معاف نه ڪندي، هن چيو ته حڪومت عمران خان کي مسلسل تنگ ڪري رهي آهي، اليڪشن ۾ به حصو وٺڻ نه ڏنو ويو، مسلسل جيل ۾ رکڻ ناحق آهي، عمران خان کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، هن چيو ته عمران خان جي 24 نومبر تي ڏنل احتجاج جي سڏ جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.