شادي لارج (ن پ ا ) کوسڪي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ميان کوسو ۽ ايوب ڀٽي احتجاج ڪندي چيو ته کوسڪي ٽائون جي صدر ستار ٻرڙو کي اي ايس آءِ ديدار سمون وين مان لاهي پرائيويٽ ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويو آهي.هنن چيو کوسڪي پوليس بنا جواز اسان جي ساٿي کي گرفتار ڪيو آهي، 2 هفتا اڳ ستار ٻرڙو ضمانت تي آزاد ٿيو، پوليس کيس ٻيهر کڻي وئي آهي، نوٽيس وٺي ستار ٻرڙو کي آزاد ڪرايو وڃي.ٻي پاسي کوسڪي پوليس صحافين کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ياد رهي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽائون کوسڪي صدر ستار ٻرڙو کي ٻه هفتا اڳ چرس ڪيس ۾ پوليس گرفتار ڪري جيل موڪليو هو.