مٽياري: مٽياري ضلعي کي چئن سب ڊويزنن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جي 320 پولنگن مان 80 انتهائي حساس، 116 حساس ۽ 124 نارمل قرار ڏنيون ويون آهن. مٽياري سب ڊويزن جي 76 پولنگن مان 18 انتهائي حساس، 12 حساس ۽ 46 نارمل، کيبراڻي جي 54 مان 9 انتهائي حساس، 19 حساس ۽ 26 نارمل، هالا جي 111 پولنگن مان 36 انتهائي حساس، 38 حساس ۽ 37 نارمل ۽ سعيدآباد جي 79 مان 17 انتهائي حساس، 47 حساس ۽ 15 نارمل قرار ڏنيون ويون آهن.