ڪڙيوگهنور ( ن پ ا ) ڪڙيوگهنور ضلعي بدين رين ايمرجنسي جي نگران، ماحوليات واري وزير اسماعيل راهو بدين ضلعي ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو ٻڌايو ته بدين ضلعي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 221004 ماڻهو متاثر ۽ 41360 خاندان بي گهر ٿيا آهن. بدين ضلعي ۾ 209373 ايڪڙ آبادي متاثر ٿي آهي. 17 قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ 20 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته  ايس ايف راهو، ماتلي، تلهار ۽ ٽنڊوباگو ۾ 12541 گهر ڊهي پٽ ۽ 23091 گهرن کي جزوي نقصان پھتوآھي، بدين، ماتلي، تلهار، ايس ايف راهو ۽ ٽنڊوباگو ۾ قائم امدادي ڪيمپن ۾ 3950 متاثرين موجود آهن. بدين ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 421 ڍور مري ويا آهن. ضلعي ۾ 209373 ايڪڙفصل کي نقصان پهتو آهي. ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم مشينري ذريعي ڪيو پيو وڃي. اسماعيل راهو وڌيڪ ٻڌايو ته متاثرن کي خيما، راشن ۽ مچھر دانيون فراهم ڪيون پيون وڃن. بدين ضلعي جي مختلف هنڌن تي ميڊيڪل ڪيمپس پڻ قائم ڪيا ويا آهن. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو شديد خدشو موجود آهي.