اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پبلڪ اڪائوٽس ڪميٽيءَ جي ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس، پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي ڏانهن رهتون هجڻ، پي ايس ايل جا مختلف ٺيڪا ضابطن جي ابتڙ ڏيڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. پي ايس ايل پنج ۽ ڇهه ۾ هڪ ارب 63 ڪروڙ نقصان ٿيو، آڊٽ اختيارين موجب پي ايس ايل 20 تائين پي سي بي کي 10 ارب روپين تائين نقصان جو خدشو آهي. تفصيل موجب پي اي سي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ملڪ عامر ڊوگر جي صدارت هيٺ ٿيو. اڳوڻي چيئرمين پي سي بي نجم سيٺي لکين رپين قرضي نڪتو. نجم سيٺي کان ايڊوانسز جي مد ۾ 69 لک رپيا واپس نه وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب ٽي اي ڊي اي ۽ ٻين ايڊوانسز رقم جي مد ۾ نجم سيٺي کي 2 ڪروڙ 62 لک رپيا ادا ڪيا ويا. پي سي بي اختيارين چيو ته عدالت باقي رقم جي وصولي کان روڪي ڇڏيو آهي. پي اي سي عدالتي حڪم جي تصديق تي پيرا ختم ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. پي سي بي پاران پي ايس ايل 5 ۽ 6 لاءِ فرنچائزز جو آمدنيءَ ۾ حصو وڌائڻ سان 1 ارب 63 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. آڊٽ اختيارين چيو ته پي ايس ايل 20 تائين پي سي بي کي 10 ارب رپين جي نقصان جو خدشو آهي. مسئلي جي حل لاءِ نوان قاعدا تيار ڪيا پيا وڃن، ڪووڊ سبب فرنچائزز جو آمدنيءَ ۾ حصو وڌايو ويو هو. پي سي بي کي 90 ڏينهن ۾ نوان قاعدا منظور ڪرائڻ جي هدايت ڏني وئي. اجلاس ۾ اسلام آباد ڪلب پاران نئين ميمبرشپ لاءِ ايڊوانس فيس وٺڻ وارو معاملو به بحث هيٺ آيو. ڪنوينر چيو ته هن وقت اسلام آباد ڪلب ۾ نئين ميمبر شپ جون ڪيتريون درخواستون التوا ۾ آهن. ڪلب انتظاميا ٻڌايو ته گذريل 5 سالن کان 1019 درخواستون التوا ۾ پيل آهن، جن کان 31 ڪروڙ رپيا ايڊوانس فيس طور وصول ڪئي وئي آهي. سڪريٽري ڪابينه ڊويزن ٻڌايو ته اسلام آباد ڪلب جا ميمبر 10 هزار کان وڌي ويا آهن. ميمبرن جي تعداد حد کان وڌيڪ هجڻ سبب زير التوا ڪيس وڌيڪ آهن، اسلام آباد ڪلب جي ميمبرشپ حد کي 12 هزار تائين وڌائڻ تي غور ٿي رهيو آهي. ذيلي ڪميٽي جي ميمبر رياض فتيانه چيو ته حد کان وڌيڪ ميمبرشپ سبب لاهور جيم خانا به تباھ ٿي ويو. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن جي آڊٽ رپورٽ 2022-23 جو به جائزو ورتو ويو. پي ايس ايل 5 ۽ 6 ۾ اربين رپين جي مالي بي ضابطگين جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. پي سي بي پاران گرافڪس انٽرفيس ۽ ٽرڪ برانڊنگ رائيٽس جو غير شفاف ٺيڪو ڏيڻ جو آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب پي ايس ايل 5 جي لائيو اسٽريمنگ رائيٽس جو 18 ڪروڙ رپين جو ٺيڪو به غير شفاف نموني ڏنو ويو. ٻنهي ڪيسن ۾ جيڪو شخص ذميوار قرار ڏنو ويو، اهو هاڻ پي سي بي جو ملازم ناهي. پي ايس ايل 5 ۾ انسٽاڊيا اسپانسرشپ رائيٽس جو ٺيڪو 33 ڪروڙ رپين ۾ غير شفاف طريقي سان ڏنو ويو. ان ڪيس ۾ به جيڪو عملدار ذميوار قرار ڏنو ويو، اهو هاڻ پي سي بي جو حصو ناهي. سڪريٽري ڪابينه ڊويزن چيو ته اهو صحيح آهي ته پي سي بي آڊٽ اختيارين کي مڪمل ريڪارڊ فراهم نه ڪيو. پي اي سي جي ذيلي ڪميٽي ڪابينه ڊويزن ۽ پي سي بي کي 60 ڏينهن ۾ معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڏني. ڪميٽيءَ جي ڪنويـنر عامر ڊوگر چيو ته جيڪڏهن ذميوارن جو تعين نه ڪيو ويو ته ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪليا ويندا.