عمرڪوٽ/صوفي فقير(نمائندن وٽان) صوفي فقير ۾ نوجوان مبينا طور وڻ ۾ رسو ٻڌي آپگھات ڪري ڇڏيو ، خبرموجب ڪنري جو رھواسي جاني ولد ڪيسرو ڀيل  ڀيڻ جي گھر مھمان ٿي آيو ھو، ان حوالي سان سندس وارثن جو چوڻ آھي ته جاني ڀيل جو دماغي توازن صحيح نه  ھجڻ ڪري ھن آپگھات ڪيو آهي، پوليس پاران واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي ناھي سگھيو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، صوفي پوليس موجب وارثن نوجوان جو دماغي توازن درست نه ھجڻ ڄاڻائي ڪيس داخل ناهي ڪرايو.