جهول (رپورٽ: ممتاز شر) سنڌ جو نالو روشن ڪندڙ ناليواري صوفي راڳي ۽ شاعر جمال الدين فقير جي اٺين ورسي جھول ويجھو ٻوٻي ريلوي اسٽيشن وٽ مئخانو جمال فقير تي مرحوم جي فرزندن جمال برادرز جي ميزباني ھيٺ ملھائي وئي مرحوم جي مزار تي درگاھ حضرت منٺار فقير راڄڙ جي گادي نشين فقير محمد بخش ضامن، ڄام شھمير علي، سيد اميد علي شاھ مست، درگاھ سيد ثابت علي شاھ لڪياري جي سجاده نشين ناٿن شاھ لڪياري، لطف علي مري، وڏيرو علي نواز ڪيريو، ناليواري شاعر اديب امين زرداري۽ مرحوم جي پٽن راڳي برڪت جمال، فقير ڊاڪٽر مصري جمال، ايڊووڪيٽ عاشق جمال ۽ ٻين چادر چاڙھي. پروگرام جي مھمانن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي، يونين ڪائونسل چئرمين ايڊووڪيٽ فقير رضا محمد مھر سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول جي سيڪريٽري رزاق راول رند ننگر فقير وقاص خاصخيلي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگھڙ جو اڳوڻو پرنسپال ليکڪ پروفيسر نواز ڪنڀر صحافي اتحاد ضلعو سانگهڙ جي جنرل سيڪريٽري خدا ڏنو ڪاڇائي ٻين جمال الدين فقير بابت سندا ويچار ونڊيندي چيو ھو ھڪ خدا ترس نيڪ دل انسان ھو جيڪو اڪثر وضو ۾ رھندو ھو ۽ راڳ ڳائڻ مھل وضو ڪري راڳ ڳائيندو ھو ، ھن دنيا جي 20 کان مٿي ملڪن ۾ صوفي راڳ جي پرچارڪ ڪري ملڪ جو نالو روشن. ڪيو ۽ راڳ ذريعي پيغام ڏنو تہ ھو امن پسند رواداري ۽ ڀائيچاري واري ڌرتي جا رھواسي آھن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سمورا انسان پاڻ ۾ ڀائر آھن ، ھو راڳ ويراڳ سان گڏ بھترين شاعري پڻ ڪندو ھو سندس شاعري جو ڪتاب رڳو ويڙھ وجود سان ڇپجي چڪو آھي. ھن پاڻ خطاطي قرآن مجيد جو نسخو ھٿ سان لکيو جيڪو سندن اولاد وٽ محفوظ آھي پاڻ روزي نماز جو پابند ۽ تھجد گذار هو تمام گھٽ ڳالھائيندڙ ھر ھڪ انسان جي عزت ڪندڙ ھو. ھنن سماجي خدمتون ڪري خوب نالو ڪمايو بيھواھ عورتن جي نياڻين جي شادين کان وٺي سندن اولاد کي تعليم ڏيارڻ ضرورت مندن جي مدد ڪرڻ سندن شيوو ھو ايڏو وڏو فنڪار ھوندي ھنن ڪڏھن غرور ن ڪيو