اسلام آباد: صوبن جي مجموعي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب هوندي جنهن ۾ پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 426 ارب، ڪي پي جي 268 ارب هوندي جيڪا ايندڙ 4 مهينن لاءِ هوندي جڏهن ته سنڌ جي سالياني ترقي بجيٽ 617 ارب ۽ بلوچستان جي سالياني بجيٽ جي مد ۾ 248 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي. ترقياتي فنڊ ۾ هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، ترقياتي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 1182 اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ 311 نيون جڏهن ته 871 جاري اسڪيمون آهن