اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايم ايف پاران ايف بي آر کان نئين ٽيڪس قدمن سوڌو 6 اهم معاملن تي بريفنگ طلب ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب واپاري دوست اسڪيم جي ناڪامي جا ڪارڻ به ٻڌايا ويندا، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم بهتر طريقي سان لاڳو نه ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني ويندي، صوبن جي ٽيڪس وصولين ۾ سست رفتاري، پگهارن، پينشن ۽ انڊسٽري تي ٽيڪس وصولين تي به تفصيل آءِ ايم ايف کي فراهم ڪيا ويندا، اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويندو.