ٺٽو (رپورٽر) ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي خصوصي هدايتن کي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي سيڪريٽري علي محمد کوسو ٺٽو پهچي مختلف منصوبن جو جائزو وٺي معائنو ڪرڻ سان گڏ لاڳاپيل کاتي جي ڪامورن کان پڻ ٺٽي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت ڄاڻ ورتي. صوبائي سيڪريٽري ٺٽي جي سامونڊي تعلقي گھوڙاٻاري ۾ 60 بسترن تي تعمير ڪيل تعلقي اسپتال جو دورو ڪري ڪم جو جائزو وٺڻ سان گڏ سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي، ھاڙهو ٻگھاڻ، ڳاڙهو گھوڙاٻاري ،غلام الله گھارو، مڪلي غلام الله روڊ جي هلندڙ ڪم جي معائني ڪرڻ سان گڏ تيار ٿيندڙ ڊسٽرڪٽ جيل جي ڪم جو پڻ جائزو ورتو، ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي علائقي گھوڙاٻاري ۾ 60 بسترن تي تعمير ڪيل تعلقي اسپتال جو سامونڊي پٽي واسين کي صحت جي ترت سهولتن جي فراهميءَ جي حوالي سان وڏو فائدو رسندو جڏهن ته ڪوسٽل هاءِ ، ڳاڙهو ٻگهاڻ روڊ جي مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو ڪيٽي بندر واسين کي ڳاڙهو ۽ ٻين علائقن تائين سفري سهولت ميسر ٿيندي پر ڪوسٽل هاءِ وي جي مڪمل ٿيڻ سان پڻ ڪيٽي بندر واسين کي ڪيٽي بندر کان ڪراچي پهچڻ ۾ وڏي سهولت ملڻ سان گڏ سمنڊ جي چڙهندڙ ويرن کان سامونڊي پٽي واسي محفوظ رهندا جڏهن ته هن ٺٽي ضلعي ۾ هلندڙ روڊن توڙي اسپتال ۽ جيل واري ڪم کي ترت اڪلائڻ جون پڻ لاڳاپيل کاتي جي ڪامورن کي هدايتون جاري ڪيون ان موقعي تي ساڻس گڏ ٽائون ڪميٽي چئيرمين گھوڙاٻاري رمضان پنهور ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي ، اي سي پراوينشل سرڪل ٺٽو ۽ ٻيا ورڪس ۽ سوراسز کاتي جا ڪامورا پڻ گڏ هيا.