ڪراچي: صوبائي بلڊنگ ڊويزن ٽو جي ايڪسين عاصم ابڙو خلاف سيڪريٽري ورڪس پاران ڪاروائي روڪي وئي! ذريعن موجب ورڪس کاتي جي سيڪريٽري نواز سوهو ڪجهه ڏينهن اڳ صوبائي بلڊنگز ڊويزن ٽو جي ايڪسيئن عاصم ابڙو کي فشريز منصوبي ۾ ٺيڪيدار سان ادائگي واري معاملي تي ٿيل جھڙپ بعد شوڪاز نوٽيس ڏنو هو، انهي نوٽيس تي وڌيڪ ڪارروائي رڪجي وئي آهي.