حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ پاران مختلف ڪيسن ۾ 4 جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو آهي. تعليم کاتي ۾ 50 ھزار رشوت واري ڪيس ۾ 9 سالن بعد ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار جڳديش کي بري ڪري ڇڏيو. جگديش تي 2016ع ۾ 50 ھزار رپيا رشوت جو ڪيس داخل ٿيل ھو. مڪاني کاتي بدين جي يوسي نندو ۾ 70 لک رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري دودو ناريجو ۽ ايڊمنسٽريٽر زاھد ناريجو کي به رشوت وٺڻ واري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي. بدين جي يوسي نندو ۾ 70 لک رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري دودو ناريجو ۽ ايڊمنسٽريٽر زاھد ناريجو تي 2005 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ساڳي عدالت 19 سالن بعد ٻنھي جوابدارن تي ڪرپشن جو ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪيو. ساڳي عدالت جي جج ٽنڊوالھيار روينيو کاتي ۾ ڪوڙا کاتا ٺاھڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار نور محمد ۽ ٻين کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو. ٽنڊوالھيار جي روينيو کاتي ۾ بئراج مختيارڪار آفيس ۾ آچار نالي شخص جا ڪوڙا کاتا ٺاهڻ وارو ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي کين بري ڪيو. عدالت 17 سالن بعد جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو. صوبائي اينٽي ڪرپشن اسپيشل جج سيد خليل انور حسين جعفري جي عدالت ڪيسن کي اڪلائيندي فيصلا جاري ڪيا. سموري ڪيسن جي پيروي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي سينيئر وڪيل ايڊوڪيٽ ذوالفقار علي عباسي ڪئي.