پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي جي اڳوڻي صوبائي امير ۽ سينيٽر مشتاق احمد خان جي وڏي ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي. صوابي ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير ۽ سينيٽر مشتاق احمد جي وڏي ڀاءُ شڪيل احمد کي سندس گهر ٻاهران قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جي تصديق ڪندي سينيٽر مشتاق احمد ميڊيا کي ٻڌايو ته وڏو ڀاءُ شڪيل احمد مون کي ڏاڍو پيارو هو، سندس قتل جي خبر ملي آهي، ڀاءُ جي قتل جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. ٻئي پاسي پوليس به واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. پوليس موجب واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاچ جاري آهي.