تل ابيب/ بيروت/ تهران(م ڊ) اسرائيل حماس سربراهه اسماعيل هانيه کانپوءِ حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله کي به شهيد ڪري ڇڏيو، اسرائيلي ايئر فورس گذريل رات لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ حزب الله جي هيڊڪوارٽر تي سوين راڪيٽ فائر ڪيا، جنهن ۾ حزب الله سربراهه حسن نصرالله سندس ڌي زينب سينيئر اڳواڻ علي ڪرڪي سميت 11 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 108 ماڻهو زخمي ٿي پيا، حزب الله، حسن نصرالله جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسرائيل خلاف جاري جنگ جاري رهندي، غزه ۽ فلسطين جي حمايت سوڌو لبنان جي دفاع لاءِ ويڙهه جاري رکي ويندي. حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ نعيم قاسم کي حزب الله جو وقتي سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، نعيم قاسم نئين سربراهه جي چونڊ تائين حزب الله جا معاملا سنڀاليندو. ايران ۽ حماس طرفان سوڳ جو اعلان ڪيو ويو. رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بيروت تي اسرائيلي فوج 5-5 هزار پائونڊ جا بم وسايا، ايف 35 ويڙهاڪ جهازن شهري آبادي کي نشانو بڻايو، ستن ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان ٿيندڙ بمباري جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مٽي جو ڍير بڻجي ويون. ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيلي گادي واري هنڌ تل ابيب ۾ امڪاني حملن جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان بم شيلٽرز کوليا ويا آهن، هوائي دفاعي نظام کي به هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايران، حزب الله سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ اڳين قدم بابت فيصلو ڪري سگهجي، حزب الله طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تنظيم جي قيادت ان ڳالهه جو عزم ڪري ٿي ته هو دشمن جو مقابلو ڪرڻ، غزه، فلسطين جي حمايت، لبنان ۽ ان جي ثابت قدم ۽ قابل احترام عوام جي دفاع ۾ پنهنجو جهاد جاري رکندي. غير ملڪي خابرو اداري رائٽرز موجب اسرائيل بيروت تي هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو حملو ڪيو. جنهن ۾ حزب الله جي هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻايو، جنهن جو خاص مقصد حسن نصرالله کي مارڻ هو، جنهن ۾ اسرائيل ڪامياب ٿي ويو. اسرائيل طرفان هوائي حملن جو اهو سلسلو پنجن ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ڇنڇر جي صبح جو به بيروت ۽ ڀرپاسي بمباري ڪئي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته جمعي جي شام کان هن وقت تائين حزب الله جي 140 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. اسرائيلي آرمي چيف جنرل هرزي هليوي چيو آهي ته اسان جي طرفان اهو واضح پيغام آهي ته جيڪو به اسرائيل ۽ ان جي شهرين لاءِ خطرو بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو ان جو نالو نشان مٽائي ڇڏينداسين. اسرائيلي فوج جي ترجمان ايڪس تي بيان م دعويٰ ڪئي ته حسن نصرالله هاڻي دنيا ۾ دهشتگردي نه ڪري سگهندو. هو اسرائيل جي سڀ کان وڏن دشمن مان هڪ هو. ٻئي طرف حزب الله پنهنجي سربراهه جي شهادت تي جوابي ڪارروائي ڪندي اسرائيل تي گهٽ ۾ گهٽ 65 راڪيٽ فائر ڪيا جنهن سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ باهه لڳي وئي، تل ابيب ۾ حملن جو الرٽ جاري ڪيو ويو.