ڪراچي(شوبزنيوز) پاڪستان جي اداڪار محب مرزا پنهنجي گهرواري اداڪارا صنم سعيد سان هڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران محبت جو اظهار ڪرڻ بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊراما سيريل ديدن جي شوٽنگ دوران مون صنم سان محبت جو اظهار ڪيو. ان وقت سڀ ڪجهه ٺيڪ هو ۽ صنم به منهنجي سامهون موجود هئي هن سان ڳالهائڻ لاءِ هن جي قد جي ڪري هيٺ ڏسڻو نه پئي پيو. ياد رهي ته ٻنهي جي هي ٻي شادي آهي. محب مرزا پهرين شادي آمنه شيخ سان ۽ صنم سعيد فرحان حسن سان ڪئي هئي.