اسلام آباد: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي صنم ڀٽو والد جو نشانِ پاڪستان ايوارڊ وصول ڪندي روئي ويٺي، اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو کي شهادت بعد نشانِ پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو ويو، ايوانِ صدر ۾ اعليٰ ترين سِول ايوارڊز ڏيڻ واري تقريب دوران صنم ڀٽو والد جو ايوارڊ وصول ڪيو، تقريب ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ڏوهٽي آصفه ڀٽو به موجود هئي، ان موقعي تي ايوان صدر جيئي ڀٽو ۽ ڀٽو زنده هي ڪي نعرن سان گونجي اٿيو.