راڻيپور: شاگردياڻي خوشبو ڀٽي، صدام  عامر، ڪليم الله راڄپر، مهتاب عامر ،جنسار سومرو پاران ڊائريڪٽر شاھ لطيف يونيورسٽي کي درخواست ڏني آھي ته اڄ راڻيپور ۾ بايو ڪيميسٽري ٿرڊ ايئر جو شاگرد صفدر وساڻ پوائنٽ روڪي مٿي چڙھي آيو. هن شاگردياڻين کي گهٽ وڌ ڳالهايو، ڪجهه نامعلوم ماڻهو به ساڻس مٿي چڙھي آيا، جن کي هٿن ۾ ڪلپون هنيون. هنن حملو ڪري ٽن شاگردن کي زخمي ڪيو. هنن انتظاميا کي  اپيل ڪئي ته واقعي ۾ ملوث  صفدر وساڻ ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شاگردياڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.