خيرپور (رپورٽر) جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان پيرڳوٺ واري رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، صفدر عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پير پاڳاري جي هدايت تي پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، تحفظ آئين پاڪستان ۽ مخالف ڌر جي ٻين پارٽين سان رابطا تيز ڪيا ويندا ته جيئن گڏيل تعاون حاصل ڪري سگهجي، هن چيو ته حالتن مان اندازو لڳي ٿو ته جعلي سيٽ اپ پنهنجا آخري پساھه کڻي رهيو آهي، هن چيو ته زرداري کي سنڌ جو پورو اختيار ڏنو ويو آهي ته جيئن ڪئنال ٺاهي سگهي، جيڪو ڪم ن ليگ ۽ ٻيا نه ڪري سگهيا، اهو زرداري ڪري چڪو آهي، بلاول جي منطق اها هئي ته هو 26 آئيني ترميمن ۾ مصروف عمل ھو ۽ پويان ڪئنالن جي منظوري ڪرائي وئي، هن چيو ته سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پير پاڳاري سنڌو درياهه بچايو تحريڪ ۾ جي ڊي اي قيادت جي ڪوششن کي ساراهيو آهي، ۽ ڪارڪنن کي ايندڙ پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته جي ڊي اي عوام جي مسئلن کان پوري طرح واقف آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ڪنهن به قيمت تي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.