ڪراچي (اسپورٽس نيوز) هٿرادو ذهانت واري ايپليڪيشن چيٽ جي پي ٽي ايڪويهين صديءَ جي بهترين ٽيسٽ اليون  بابت ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هڪ به پاڪستاني ڪرڪيٽر شامل نه آهي. واهپيدارن طرفان 21 هين صدي جي بهترين ٽيسٽ ٽيم بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيٽ جي پي ٽي جنوري ٻه هزار هڪ کان هنيئر تائين جي بهترين رانديگرن تي ٻڌل ٽيم ترتيب ڏني. چيٽ جي پي ٽي طرفان ترتيب ڏنل ايڪويهين صديءَ جي بهترين ٽيسٽ ٽيم اليون ۾ اليسٽر ڪُڪ، هاشم آملا، رڪي پونٽنگ ( ڪپتان) ۽ سچن ٽنڊولڪر شامل آهن. ان کانسواءِ  ڪمارا سنگاڪارا، ايڊم گلڪرسٽ ( وڪيٽ ڪيپر ) شين وارن، ڊيل اسٽين، جيمز انڊريسن ۽ گلين ميڪ گرا کي به 21 هين صديءَ  جي بهترين ٽيسٽ  ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.