دادو (رپورٽر) حسيني پبليڪيشن دادو پاران جديد سنڌي شاعريءَ جي سڄاڻ نالي صدف حسيني جي ڪتاب مقتل ۾ رقص جي مهورت دادو پريس ڪلب جي ڪانفرنس هال ۾ ٿي گذري جنهن جي صدارت نامور شاعر معشوق ڌاريجي ڪئي، محبوب سنڌي،رضا لانگاھ، خليل عارف سومرو ،وزير سولنگي، عبدالوحيد ميمن، رشيد چارڻ مهمانن ۾ شامل ها، پروگرام جي ڪاروائي تابخش بخاري هلائي، نامور ليکڪ محبوب سنڌي چيو ته صدف حسيني جديد سنڌي شاعري جو منفرد نالو آهي، جنهن جي فڪر ۾ جدت ۽ مقصديت ملي ٿي، رضا لانگاھ چيو ته صدف حسيني سونهن، سچ ۽ سنڌ جو شاعر آهي، خليل عارف سومرو چيو ته صدف حسيني جو ڪتاب مقتل ۾ رقص سنڌي شاعري ۾ سٺو اضافو آهي، وزير فرهاد چيو ته صدف حسيني سنڌ سان گڏ بيهي قوم سان وفا نڀائيندڙ شاعر آهي، رشيد چارڻ چيو ته صدف سنڌ جو حلالي شاعر آهي، مهورتي تقريب کي صاحب ڪتاب صدف حسيني خطاب ڪندي چيو ته مان سنڌ جو شاعر آهيان مون وٽ قومي درد جام آهي، سنڌ تان قربان ٿيڻ چاهيان ٿو، صدارتي خطاب ڪندي معشوق ڌاريجي چيو ته شاعري ڪربلا جو مقتل آهي جنهن کي صدف حسيني ڳايو آهي، صدف پنهنجي همعصر دور جو وڏو شاعر آهي. مهورتي تقريب کي مزاحمتي شاعر عاشق دادوي، بهزاد سنڌي ممتاز مصطفي دوست ،آس ٻٻر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جعفر شاھ صدف حسيني جا ڪلام ڳائي داد ورتو، تقريب آسي بدر چنا، گھايل لغاري ،وريام سنڌي، نور دين ساگر سميت وڏي انگ ۾ شاعرن اديبن شرڪت ڪئي.