لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ٻه هفتا اڳ قمبر تعلقي جي ڳوٺ راهوجا راهوجا وٽ رخصتي نه ٿيڻ واري معاملي تان مڱيندي ۽ ٻين هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل پرائمري اسڪول ٽيچر صدف حاصلو طرفان واقعي کان ڪجھه ڏينهن اڳ تحفظ لاءِ پنهنجي وڪيل بهادر شاهاڻي معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ داخل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس امجد علي سهتو جي سربراهيءَ ۾ سنگل بئنچ ڪئي. جنهن ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ساجد امير سدوزئي، ڪيس جو اڳوڻو جاچ آفيسر روشن علي، نئون جاچ آفيسر اي ايس پي رتوديرو محمد علي، ايس ايچ او حيدري سميت ٻيا پوليس آفيسر پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو طرفان صدف حاصلو جي ڪيس جي جاچ اي ايس پي رتوديرو محمد علي کي منتقل ڪرڻ بابت ٻڌايو ويو، جنهن تي نئين جاچ آفيسر عدالت ۾ قسم نامون جمع ڪرائيندي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار خلاف ڊجيٽيل شاهديون ۽ ميڊيا رپورٽن کان علاوه ٺوس شاهديون گڏ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عدالت اڳوڻي جاچ آفيسر روشن علي کان شاهديون گڏ ڪري جوابدارن جي گرفتاري بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن لاچاري ظاهر ڪئي، ان تي عدالت اڳوڻي جاچ آفيسر خلاف غيرشفاف جاچ ڪري پنهنجي ذميواريون ادا نه ڪرڻ ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اڳوڻي جاچ آفيسر روشن خلاف غفلت ڪرڻ تي ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي اهڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالتي حڪم تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊي ايس پي قمبر سرفراز جي اڳواڻيءَ ۾ جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس ٽيم جوڙي ڇڏي. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ڀرپور ڪوششن جي باوجود جوابدار کي اڃان تائين پڪڙي نه سگهيا آهيون جنهن تي عدالت چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عدالتن جي توقع موجب پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون. ٻڌڻي دوران ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ايندڙ ٻڌڻي تائين کان اڳ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي مهلت گهري جيڪا عدالت منظور ڪندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي حڪم ڏنو ته هو ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻائي ناڪامي جي صورت ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ۽ عدالت کي ٻڌايو ته واقعو سندس حد ۾ نه پر قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي علائقي ۾ ٿيو آهي جيڪو سندن جي اختيار واري دائري ۾ ناهي، پوليس طرفان صدف جي زندگي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ خاطر خواهه ڪوششون ڪيون ويون جنهن ڪري کيس ڪوتاهي جو ذميوار قرار نه ٿو ڏئي سگهجي پوليس صدف کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ۽ هن وقت به ڪيس جي فريادي سميت صدف جي گهر ڀاتين کي پوليس طرفان تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي اهڙي جمع ڪرايل وضاحتي بيان تي عدالت اطمينان جو اظهار ڪندي سندس خلاف آءِ جي سڌ کي انڪوائري ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو عدالت کي گذارش ڪئي ته هو جوابدار پوليس ڪانسٽيبل فريد حسين جي گرفتاري ۾ مدد لاءِ تيار آهي ان لاءِ ٽيڪينڪل اوزارن جنهن ۾ لوڪيٽر ۽ جوابدار جي سي ٽي ڊي آر تائين سڌي ريت رسائي لاءِ ٽيڪنيڪل مدد گهرجي جنهن تي عدالت آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي جوابدار پوليس ڪانسٽيبل فريد حسين جي گرفتاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪئي وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 اپريل تائين ملتوي ڪندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي پيش ٿي صدف حاصلو جي ڪيس بابت تفصيلي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ توڙي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.